جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي ڳوٺ راڄو ويسر واسي نائين ڪلاس جو شاگرد زاهد حسين ويسر 15 ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو. پيءُ مختيار ويسر ۽ ٻين وارثن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي دانهيو  ته پٽ زاهد حسين ويسر 2 هفتا اڳ بنگلو سيدان اسڪول پڙھڻ ويو ته واپس نه آيو، شڪ آهي پٽ کي ڪنهن اغوا ڪيو آهي، نوٽيس وٺي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.