جيڪب آباد/ ٺل (رپورٽر/ نمائندو) ڪريم بخش عوامي فورم پاران واپاري غلام سرور کوسو جي گهران سوا ڪروڙ ڌاڙي واري رقم برآمد نه ٿيڻ خلاف ڪريم بخش کوسو شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪرڻ کان پوءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ايس ايس پي جيڪب آباد آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو سخت نعريبازي ڪئي وئي ايس ايس پي آفيس آڏو لڳل ڌرڻي ۾ انجمن تاجران، شهري اتحاد، جي يو آءِ، پ پ شهيد ڀٽو، سنڌ دوست ڪميٽي، پيپلزپارٽي، ايس ٽي پي، متحد کوسا اتحاد، مزدور شهري اتحاد، جسقم، عام انسان تحريڪ سميت سوين انگ ۾ سول سوسائٽي توڙي کوسو برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي ايس ايس پي آفيس آڏو لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي انجمن تاجران جي صدر مير احمد علي بروهي، جي يو آءِ امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ نديم احمد قريشي، سنڌ دوست ڪميٽي اڳواڻ انتظار حسين ڇلگري، مزدور شهري اتحاد صدر حاجي غلام نبي رند، هندو اڳواڻ سريچند ڀاوناڻي، ضلع ڪائونسل ميمبر ڊاڪٽر عبدالخالق کوسو، ايس ٽي پي اڳواڻ مجيد سرڪي، پيپلزپارٽي اڳواڻ مير رحمت الله کوسو، ضلع ڪائونسل ميمبر فاروق علي کوسو، عام انسان تحريڪ سيد علي شاھه، سول سوسائٽي جي غلام حسين کوسو، ڪلاٿ مارڪيٽ صدر گل حسن ٽالاڻي، مهراڻ سوشل فورم چيئرمين عبدالحئي سومرو، خالد حسين جھلڻ، محمد عالم کوسو سميت ٻين وڌندڙ بدامني تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي هنن چيو ته /ڏسو صفحو 2 بقايا 02
امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي واپاري توڙي شهري محفوظ ناهن هر ڏينهن ڦر جي واقعن سبب هندو برادري توڙي اڪثريتي برادري جي تيزي سان لڏپلاڻ جاري آهي جنھن سبب شهر جو ڪاروبار تباهه ٿي ويو آهي هنن چيو ته ڏوهارين جي گهر ۾ گهڙي عورتن کي يرغمال بڻائي ڪروڙين روپين جو ڦر معمول بڻيل آهي عورتون گهرن ۾ محفوظ ناهن رهيون غلام سرور کوسو جي گهر ۾ گهڙي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي ڍيڍ ڪروڙ جو ڌاڙو هنيو ويو جنهن کي ٽي هفتا گذري ويا آهن پر پوليس رقم برآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي جيڪب آباد ۾ وڌندڙ بدامني مان لڳي ٿو پوليس ڏوهارين جي يار بڻجي وئي آهي پوليس عوام جي تحفظ بجاءِ ڏوهارين جي سهولتڪار بڻيل آهي هنن چيو ته ايس ايس پي آفيس آڏو سوين ماڻهن جو ڌرڻو هئڻ باوجود چونڊيل نمائندا ايم پي اي توڙي ايم اين اي جو غائب هئڻ مان لڳي ٿو ته انهن جو عوام سان ڪابه همدردي ناهي رهي صرف ووٽ وٺڻ لاءِ عوام سان گڏ هوندا آهن ايس ايس پي عوامي سمنڊ ڏسي آفيس مان فرار ٿيڻ ئي بهتر سمجهيو آهي هنن وڏي وزير سنڌ آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته واپاري غلام سرور کوسو کان سوا ڪروڙ ڌاڙي واري رقم برآمد ڪرائي ڏوهارين کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي جيڪب آباد ضلع ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ڪريم بخش عوامي فورم پاران بدامني ۽ واپاري کان سوا ڪروڙ ڌاڙي واري رقم برآمد نه ڪرائڻ خلاف اڄ کان جيڪب آباد جي ڊي سي چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئمپ لڳائي احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.