جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ مبينا نوجوان اغوا، وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، مغوي بازياب خبر موجب جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪمال شاهه جي علائقي واسي نوجوان پيارو مڱڻهار کي اڻڄاتل ماڻهن اغوا ڪيو مغوي جي وارثن سنڌ ۽ بلوچستان قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي احتجاج کانپوءِ اڻڄاتل ماڻهن مغوي پيارو مڱڻهار کي ڇڏي ڏنو پوليس نوجوان کي کڻي وارثن تائين پهچايو جنهن تي نوجوان جي وارثن ڌرڻو ختم ڪيو مغوي نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل ماڻهن نوجوان کي اغوا ڪري کڻي وڃي ويا احتجاج کانپوءِ نوجوان کي آزاد ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته مڱڻهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي بلوچستان ۾ رهندڙ مائٽن نوجوان کي کنڀيو وقت تي پهچي نوجوان کي ڇڏائي ورتو.