جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي ڳوٺ احمد ميان سومرو ۾ خان ٽالاڻي گيس سلينڊر جي دڪان ۾ گيس جي سلينڊر تي چانهه تيار ڪري رهيو هو ته اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، باهه لڳڻ سبب خان ٽالاڻي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته باهه ڏسندي ئي ڏسندي نصرالله جي جنرل اسٽور مجيب جي ڪريانه اسٽور حبيب الله جي پيٽرول دڪان کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، بروقت اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو جنهن سبب دڪانن ۾ پيل لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي، علائقي واسين موجب ته حبيب الله پنهنجي دڪان اڳيان پيٽرول ڀري رهيو هو ته سلينڊر مان اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب باهه چئني دڪانن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.