ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ نئين ٿيل تڪبندي تي ضلعي چيئرمين ۽ اڳوڻي صوبائي وزير اعتراض واري ڇڏيا، اليڪشن ڪميشن ۾ درخواستون داخل، خبر موجب اليڪشن ڪميشن پاران ضلعي جيڪب آباد جي ٻن قومي تڪن اين اي 190 ۽ اين اي 191 ۾ ردبدل ڪرڻ تي ٻن سياستدانن اعتراض واريا، ڪالهه اڳوڻي صوبائي وزير شبير بجاراڻي نئين ٿيل تڪبندي تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ اعتراض جمع ڪرائي ڇڏيا، جڏهن ته ضلعي جيڪب آباد جي ضلعي چيئرمين ۽ پ پ اڳواڻ طاهر کوسو پاران پڻ قومي تڪ 190 ۽ 191 تي پنهنجا اعتراض الڳ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان وٽ پنهنجي وڪيل معرفت جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، اليڪشن ڪميشن پاران نئين آدمشماري تحت ٿيل نين تڪبندين ۾ ضلعي جيڪب آباد جي قومي تڪ کي ٽوڙي ٻن تڪن ۾ ورهايو ويو آهي، ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي جي تڪ کي پڻ ٽوڙي ٽن ضلعن شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ضلعي جي سياستدانن پاران اعتراض داخل ڪرايا ويا آهن، پ پ اڳواڻ طاهر کوسي ٻڌايو ته سياسي بنيادن تي سڄي تڪبندي غلط ڪئي وئي آهي، ٺل جي سرڪل ٺل پراڻو کي ٽوڙي اڌ حصو ڪشمور جي قومي تڪ 191 ۽ اڌ حصو جيڪب آباد جي قومي تڪ اين اي 190 ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اسان جي ديهه کوسا، ديهه بولاڪي ۽ ديهه غلامون کي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٺل ميونسپل ڪاميٽي جيڪو ديهه کوسا، ديهه بولاڪي سان گڏ آهي، تنهن کي وري قومي تڪ اين اي 190 ۾ شامل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سرڪلز ۽ ديهن جي ڀڃ ڊاهه ڪندي ووٽ کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن تي اسان پنهنجا اعتراض جمع ڪرايا آهن.