جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج خادم حسين چنڊ جي عدالت سانوڻ گورشاڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت مقتول جي وڪيل مظفر علي رند جي دليلن بعد جوابدار خان گورشاڻي کي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ 5 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ ٻه سال قيد ڪاٽيندو، جڏهن ته عدالت ساڳي ڪيس ۾ ٽن جوابدارن قاسم گورشاڻي، ڪريم گورشاڻي ۽ علي محمد کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ياد رهي ته مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي حسن جکراڻي ۾ 10 ڊسمبر 2020 تي جوابدارن معمولي ڳالهه تان نوجوان سانوڻ کي قتل ڪيو هو.