جيڪب آباد(رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شرف الدين شاهه جي عدالت ٺل جي شاگردياڻي ناهيد سرڪي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش واري واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، عدالت پاران جاري ڪيل آرڊر ۾ لکيو ويو آهي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي پتو پيو ته شاگردياڻي ناهيد سرڪي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، وڊيو ڪلپ ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته متاثره شاگردياڻي چئي رهي آهي ته جوابدارن مون کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پوليس انهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي عدالت ايس ايچ او اي سيڪشن ٺل کي رڪارڊ سميت ۽ متاثره شاگردياڻي کي والد يا ويجهي مائٽ سان گڏجي اڄ اڱاري ڏينهن 8 وڳي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي، ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ ٺل ۾ اسڪول کان واپسي تي شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.