جيڪب آباد (رپورٽر) سيشن جج جو پوليس پاران گاڏين جي ٽانڪين مان زبردستي تيل ڪڍڻ واري معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي، ڊي ايس پي يو ٽي، ڊي ايس پي صدر، ايس ايچ او صدر پيش، اهلڪارن کي ڇنڊ، لکت ۾ جواب پيش ڪرڻ جو حڪم، خبر موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت بلوچستان مان ايندڙ گاڏين جي ٽانڪين مان زوري تيل ڪڍڻ واري معاملي جو پاڻمرادو ورتل نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ڊي ايس پي يو ٽي عبدالقادر سومرو، ڊي ايس پي صدر سلطان چانڊيو، ايس ايچ او صدر اعجاز کوسو، ايم ٽي انچارج روشن ڪٽو، شنبي شاهه چوڪي انچارج پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران جج پوليس اهلڪارن تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي کين ڇنڊ پٽيندي چيو ته بلوچستان کان ايندڙ گاڏين کي شنبي شاهه چوڪي تي روڪي زبردستي روٽر ذريعي تيل ڪڍيو پيو وڃي، پوليس عملدارن چيو ته گاڏين جي ٽانڪين ۾ ايراني ڊيزل پيل هوندو آهي، انهن خلاف ڪاروائي ڪندا آهيون، جنهن تي جج ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته اهڙي رپورٽ لکت ۾ ڪٿي آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي لکت ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 13 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.