جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ضلع ڪائونسل جي 14 ڪروڙ 95 لک 10 هزار 601 رپين جي خساري واري بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي بجيٽ ۾ آمدني 35 ڪروڙ 53 لک 11 هزار 601 ۽ خرچ 50 ڪروڙ 48 لک 22 هزار 111 رپيا ظاهر ڪيو ويو. آهي جيڪب آباد ضلع ڪائونسل جي سال 2024 2025 جو سالياني بجيٽ اجلاس چيئرمين مير طاهر کوسو جي صدارت هيٺ ضلع ڪائونسل جي هال ٿيو اجلاس ۾ بجيٽ پيش ڪري ٻڌايو ويو ته سالياني ترقياتي منصوبن جي مد ۾ 19 ڪروڙ 24 لک 88 هزار روپيا مختص ڪيا ويا آهن جنهن مان سولر لائيٽس، هينڊ پمپ، ٽف ٽائل، نالين جي تعمير ۽ ڪچرو کڻڻ سميت سلائي مشينن لاءِ شامل آهن. ضلع ڪائونسل جي اجلاس ۾ ميمبرن جي شرڪت لاءِ الائونس جي مد ۾ 30 لک روپيا، غريب شاگردن جي اسڪالرشپ لاءِ 12 لک، راندين جي مد ۾ 10 لک، پريس ڪلب لاءِ 5 لک، قدرتي هنگامي صورتحال لاءِ 25 لک، ملازمن جي ماهوار پگهار لاءِ 1 ڪروڙ 13 لک 33 هزار 500 روپيا، رٽائرڊ ملازمن جي ماهوار پينشن لاءِ 47 لک 92 هزار، رٽائرڊ ملازمن جي ڪموٽيشن ۽ ايل پي آر جي ماهوار قسط 12 لک، ماهوار پيٽرول جي مد ۾ 5 لک 75 هزار او زيڊ ٽي شيئر ۾ ملڻ واري رقم 2 ڪروڙ 57 لک مان ماهوار پگهارن جي علاوہ ميمبرن پاران تجويز ڪيل ترقياتي ڪمن لاءِ 50 لک روپيا خرچ ڪيا ويندا سال 2022-2023 ۾ اين آءِ ٽي جي مد ۾ ٺيڪيدارن کي بقايا ادائگين لاءِ 15 کان 20 لک قسط طور ڏنا ويندا غريب شاگردن کي اسڪالرشپ جي مد ۾ ماهوار 30 هزار روپيا مختص ڪيا ويا آهن جڏهن ته ضلع ڪائونسل جي بجيٽ اجلاس دوران ڪورم پورو نه هئڻ تي غير واسطيدار ماڻهن ۽ ملازمن کي ھال جي اندر ويهاري بجيٽ پيش ڪيو ويو آهي بجيٽ اجلاس دوران اڪثريت ميمبرن پاران ترقياتي ڪم نه ھئڻ جون دانهون ڪندي احتجاج ڪيو ويو آهي ضلع ڪائونسل جي چيئرمين مير طاهر خان کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو او زيڊ ٽي شيئر محدود آهي ان سبب ڪو وڏو اسڪيم ڏئي نه ٿا سگهون اجلاس ۾ ميمبرن جي راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته هر مهيني 40 کان 50 لک روپين جو ٽينڊر جاري ڪنداسين جنهن مان سولر لائيٽون، سولر پليٽون سلائي مشين ۽ پکا ورتا ويندا هلندڙ مهيني آگسٽ ۾ ٽينڊر جاري ڪيو ويندو هن چيو ته گذريل مالي سال جي بجيٽ متعلق ميمبرن جيڪي سوال اٿاريا آهن اهي اسان کان پهرين جا آهن جنهن ميمبرن کي اعتراض آهي ته اهو اجلاس ۾ قرارداد پيش ڪري ته ان تي ڳالهائي سگهجي ضلع ڪائونسل جي ميمبر حاجي افضل کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران ماهوار او زيڊ ٽي جي مد ۾ 2 ڪروڙ 57 لک ملي رهيا آهن جنهن مان پگهارن جي مد ۾ 1 ڪروڙ 13 لک ڏنا ويندا آهن جڏهن ته هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ جو رقم بچت ۾ آهي ان پئسن مان 50 لک روپين جا ٽينڊر ڪري خرچ ڪيا ويندا ته باقي 50 لک روپيا ڪرپشن جي ور چڙهي ويندا اجلاس کي خطاب ڪندي سردار نور رحمان جکراڻي چيو ته اسان کان تڪ جو عوام پڇاڻو ڪري ٿو ته اسان ڇا ڪم ڪيا آهن اگر اها صورتحال رهي ته پوءِ پيپلزپارٽي کي ڪير به ووٽ نه ڏيندو هن چيو ته ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن.