جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ضلعي ۾ ترسيل 972 کان وڌيڪ ڌاريا گرفتار نه ٿي سگهيا نگران حڪومت جي حڪومت باوجود ضلعي انتظاميا افغانين کي پڪڙڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي افغانين کي سوگھو ڪرڻ لاءِ ٽارگيٽڊ آپريشن شروع نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته جيڪب آباد ۾ قائم ٿيل هولڊنگ ڪيمپ ۾ ڪراچي کان ڊي پورٽ ٿيل وڌيڪ 142 افغانين کي منتقل ڪيو ويو آهي ڪوچز ذريعي ڪراچي کان منتقل ٿيندڙ افغانين ۾ 30 مرد 39 عورتون ۽ 73 ٻار شامل آهن جن جي جيڪب آباد ۾ نادرا ذريعي رجسٽريشن ڪئي وئي، بلوچستان حڪومت کان ڪليرنس ملڻ کانپوءِ پڪڙيل افغانين کي چمن رستي پنهنجي ملڪ روانو ڪيو ويندو هوڏانهن ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ضلعي انتظاميا هولڊنگ ڪيمپ جي نالي تي ڪرپشن ڪرڻ ۾ رُڌل آهي ٽريزري آفيس ۾ بل پاس ڪرائن لاءِ جمع ڪرايا ويا آهن ان سلسلي ۾ ڊي سي دادلو زهراڻي سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان جو نمبر اٽينڊ نه ٿي سگهيو آهي.