جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ڏيڍ مهينو اڳ اجتماعي زيادتي جو شڪار عورت شاهده سرڪي جي ڪيس جي ٻڌڻي سيڪنڊ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ ٿي، ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدارن ٺارو جکراڻي، شان جکراڻي ۽ واجد لغاري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، متاثره فريادڻ به عدالت پهتي، جڏهن ته ڪيس جو جاچ آفيسر علي حسن ڀٽو به عدالت ۾ پيش ٿيو،جج ڪيس جي جاچ آفيسر کان ڊي اين اي رپورٽ جمع ڪرائڻ بابت پڇا ڪئي، جنهن تي جاچ آفيسر پاران ڊي اين اي رپورٽ نه اچڻ جو ٻڌايو ويو ته، جج پاران جاچ آفيسر مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جاچ آفيسر کي شوڪاز نوٽيس ۽ هٿڪڙيون هڻڻ جو حڪم ڏنو، جاچ آفيسر پاران ڊي اين اي رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ عدالت کان مهلت گهري ورتي، جنهن ته عدالت هڪ ڏينهن جي مهلت ڏيندي ڊي اين اي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.