جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد رستي کنڊ ۽ ڀاڻ افغانستان اسمگلنگ ٿيڻ لڳو، ڪسٽم اختيارين ڪاروائي ڪري 40 کان مٿي کنڊ ۽ ڀاڻ سان ڀريل ٽرالر ۽ گاڏيون تحويل ۾ وٺي ڇڏيون. جيڪب آباد رستي کنڊ ۽ ڀاڻ افغانستان اسمگل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي کنڊ ۽ ڀاڻ اسمگلنگ ٿيڻ سبب اگهن ۾ اضافو ٿي ويو. جيڪب آباد ۾ ڪسٽم اختيارين باءِ پاس تي 40 کان مٿي کنڊ ۽ ڀاڻ سان ڀريل گاڏيون ۽ ٽرالر روڪي ورتيون آهن. جڏهن ته ڊرائيورن جو چوڻ آهي ته کنڊ ۽ ڀاڻ ڪوئيٽا کڻي وڃي رهيا آهيون ڪسٽم اختيارين روڪي چيو ته اوھان کنڊ ۽ ڀاڻ افغانستان اسمگلنگ ڪري رهيا آهيو اسان کي رات کان وٺي بيهاريو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪسٽم اختيارين جو چوڻ آهي ته کنڊ ۽ ڀاڻ ڪوڙي بلٽي ڏيکاري ڪوئيٽا لاءِ چيو پيو وڃي دراصل کنڊ ۽ ڀاڻ افغانستان اسمگلنگ ٿي رهيو آهي جنهن سبب کنڊ ۽ ڀاڻ جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن مٿين اختيارين جي حڪم ملڻ بعد قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻينداسين.