جيڪب آباد (رپورٽر) اوٻاوڙو جي گنگل برادري جي ٻن ڌرين جي خوني تڪرار جو جرڳو، هڪ خون ثابت ٿيڻ ۽ زخمين جا 56 لک ڏنڊ، اوٻاوڙو جي گنگل برادري جي ٻن ڌرين محمد اقبال گنگل ۽ نور محمد گنگل جي ڌرين ۾ خوني تڪرار جو جرڳو اڳوڻي ايم پي اي اورنگزيب پنهور جي سرپئنچي هيٺ ڳوٺ آدم خان پنهور ۾ ٿيو، سرپئنچ ٻنهي ڌرين جو ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ مشيرن سان صلاح مشورو کان پوءِ فتويٰ جاري ڪئي، فتويٰ موجب محمد اقبال گنگل ڌر تي عبدالرزاق جو خون ثابت ٿيو خون بها 25 لک رپيا جڏهن ته فوتي ڌر جو خرچ ٿيل رقم 20 لک، نور محمد، الاهي بخش، امداد ۽ دودو جي زخمي ٿيڻ جو هڪ هڪ لک، ٻن عورتن جي زخمي جو 4 لک مجموعي طور 53 لک جڏهن ته نور محمد ڌر تي اقبال گنگل ڌر جي هڪ عورت ٽن مردن جي زخمين جو 3 لک روپيا ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور 56 لک روپيا ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي آهي.