جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) اينٽي ڪرپشن پوليس خزانه آفيس ۾ سوا ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس جو چالان اسپيشل اينٽي ڪرپشن ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، پيش ڪيل چالان ۾ 17 ملازمن ۽ 64 فرضي پينشنرز جا نالا جوابدار طور شامل ڪري روپوش قرار ڏنو ويو آهي، مليل ڄاڻ موجب اينٽي ڪرپشن پوليس پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل چالان ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر محمد علي منگي، اڳوڻي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر عبدالرسول گهليجو، اڳوڻو ايڊيشنل اڪائونٽ آفيسر محمد عثمان آرائين، اڳوڻو ايڊيشنل اڪائونٽ آفيسر عبدالمجيد ڀٽي سميت روينيو ڪلارڪ محمد بچل ڪورائي، تعليم کاتي ڪنڌڪوٽ جي ڪلارڪ وحيد نوناري، جونيئر ڪلارڪ مسلم بمبل، اسفند ڪورائي، آفتاب ڪورائي، عبدالله لاشاري، سليم ڪورائي، عباس ڪورائي، عبدالنبي ملڪ، محمد اسماعيل سومرو، فرضي پينشنرز مسمات وزيران، مسمات زينب، عمران خان، صاحب خاتون، عبدالنبي ملڪ سميت 81 جوابدارن کي روپوش قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته عدالت ۾ فرضي پينشنرز ۽ ملازمن جا نالا روپوش قرار ڏيڻ کان پوءِ اينٽي ڪرپشن پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن ان سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس ٻڌايو ته سوا ارب روپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ اسپيشل ڪورٽ اينٽي ڪرپشن جي جج منور لوڌي جي عدالت ۾ چالان پيش ڪيو ويو آهي، پيش ڪيل چالان ۾ 64 فرضي پينشنرز ۽ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر جيڪب آباد سميت 17 ملازمن مجموعي طور 81 جوابدارن کي روپوش قرار ڏنو ويو آهي روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي ڇڏي جلد ڪرپشن ڪندڙ ملازمن ۽ فرضي پينشنرز کي گرفتار ڪيو ويندو.