جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد واسڻ نينگري حسينا کوسو قتل ڪيس سست روي جو شڪار، 5 ڏينهن اڳ جوڙيل جي آءِ ٽي سربراهه نه پهتو، 10 ڏينهن گذرڻ باوجود جزن جي رپورٽ پڌري نه ٿي، اڄ ڌرڻي جو اعلان، خبر موجب مسلم ڪالوني واسڻ 10 ورهين جي نياڻي حسينا کوسو جو قتل ڪيس سست روي جو شڪار ٿي ويو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو پاران 5 ڏينهن اڳ جوڙيل جي آءِ ٽي جو سربراهه اي ايس پي فاضل شاهه اڃا تائين جيڪب آباد نه پهتو ۽ نه مقتول نياڻي جي وارثن کان تفصيل ورتا ۽ نه ئي جاءِ واردات جو معائنو ڪيو، هوڏانهن حسينا کوسو سان زيادتي جي تصديق لاءِ ڊاڪٽرن پاران ورتل جزا روهڙي جي ليبارٽري موڪليا ويا هئا، جن جي رپورٽ 10 ڏينهن تائين پڌري نه ٿي سگهي آهي، حسينا کوسو قتل ڪيس ۾ پوليس جي سست روي خلاف اڄ شهرين پاران ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي، شهري اتحاد جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري ٻڌايو ته پوليس هن مهل تائين جوابدار گرفتار نه ڪيا آهن پوليس جي سست روي سبب ڪيس رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي.