جيڪب آباد جي خانگي اسپتال ۾ ويم بعد عورت فوت، غفلت جو الزام: لاش رکي ڌرڻو

0
34
جيڪب آباد جي خانگي اسپتال ۾ ويم بعد عورت فوت، غفلت جو الزام: لاش رکي ڌرڻو
جيڪب آباد جي خانگي اسپتال ۾ ويم بعد عورت فوت، غفلت جو الزام: لاش رکي ڌرڻو

جيڪب آباد (رپورٽ:عبدالغني کوسو) جيڪب آباد جي خانگي ميڊيڪل سينٽر  ۾ ڳورهاري عورت آپريشن بعد فوت، ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام، لاش رکي ڌرڻو، شهر جي  جي ڪوئيٽا روڊ تي قائم خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ ڳوٺ مجن ٿرڙي واسڻ ڳورهاري عورت ليلان سولنگي کي وارث ويم لاءِ وٺي پهتا ته اسپتال انتظاميا پاران سيزر ذريعي ويم ڪرائڻ لاءِ چيو جنهن تي وارثن پاران سيزر آپريشن جي اجازت ڏني وئي، ڳورهاري عورت سيزر ذريعي پٽ کي جنم ڏنو، جنهن کي وارڊ منتقل ڪيو ويو جتي عورت جي طبيعت بگڙجي وئي ۽ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، عورت جي فوت ٿيڻ کانپوءِ وارثن اسپتال انتظاميا جي غفلت خلاف اسپتال آڏو لاش رکي ڌرڻو هنيو،عورت جي وارثن دانھيو ته ڊاڪٽرياڻي آپريشن ڪرڻ کانپوءِ اسپتال مان نڪري وئي، سڄي رات اسپتال ۾ عورت تڙپندي رهي اسپتال جي عملي کي ڊاڪٽرياڻي گهرائڻ لاءِ چيو ويو پر ان باوجود ڊاڪٽرياڻي بدران دائي ڊرپ ۽ انجيڪشن هڻندي رهي، ان باوجود ڪوبه فائدو نه ٿيو، جنهن سبب عورت تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي،هنن مطالبو ڪيو ته اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

واليون اڌ رقم ۾ کپائي ڌيءُ کي ويم لاءِ اسپتال آندو پر نياڻي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي: جيوائي خاتون

جيڪب آباد: فوتي عورت جي امڙ مائي جيوائي خاتون جيڪا اکين کان نابين آهي ان پنهنجي ڪن جون واليون اڌ رقم ۾ ڳارائي ڌيءَ کي ويم لاءِ نجي ميڊيڪل سينٽر کڻائي پهتي ڌيءَ فوت ٿيڻ کانپوءِ هو مسلسل هنجون هاريندي دانهين رهي، هئي ان موقعي تي هن چيو ته منهنجي ڌيءَ صحتمند هئي، جنهن کي ويم لاءِ عطائي ڊاڪٽرياڻي وٽ آندو، جنهن اسان کي ميڊيڪل سينٽر موڪليو جتي اسان کان 30 هزار جي گهر ڪئي وئي، آئون پنهنجيون واليون اڌ رقم ۾ ڳارائي ڌيءَ جو آپريشن ڪرڻ لاءِ رقم ڏني  پر اسپتال انتظاميا جي لاپرواهي سبب نياڻي فوت ٿي وئي.

ٻه هفتا اڳ ساڳئي ميڊيڪل سينٽر تي ڪوئن معصوم ٻار کي کائي ماري ڇڏيو هو

جيڪب آباد: ٻه هفتا اڳ ساڳئي نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ المناڪ واقعو ٿيو هو، جنهن ۾ اسپتال انتظاميا جي لاپرواهي سبب تازي ڄاول ٻار کي ڪوئن کائي ماري وڌو هو، وارثن جرڳائي ڀوتارن جي مداخلت بعد راڄوڻي نبيرو ڪيو، جيڪو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي نجي ميڊيڪل سينٽر انتظاميا تي اڍائي لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو هو.