جيڪب آباد (رپورٽر) پ پ شهيد ڀٽو پاران جمس اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ،سهولتن جي اڻهوند ۽ڪرپٽ عملي خلاف جمس اسپتال آڏو ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جنهن جي اڳواڻي نديم قريشي، نور محمد منجهو ۽ ٻين ڪئي مظاهرين ٻن ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتال ڪري جمس انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ آهي، سرڪاري دوائون وڪرو ٿي رهيون آهن، سهولتون اڻلڀ آهن ٻاهر کان ايندڙ مريضن کي دربدر ڪيو وڃي ٿو، هنن مطالبو ڪيو ته جمس اسپتال ۾ ڪرپٽ عملي خلاف ڪارروائي ڪري ايندڙ مريضن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.