جيڪب آباد (رپورٽ: عبد الغني کوسو) تعليم کاتي جي آفيسرن جون دعوائون ڌوڙ، جيڪب آباد ضلعي ۾ هڪ مهيني دوران 407 اسڪول بند، 2187 استاد گوسڙو قرار، سي ايم او رپورٽ اعليٰ اختيارين ڏانھن اماڻي ڇڏي، خبر موجب جيڪب آباد ضلعي ۾ تعليم تباهي ڪناري پهچي وئي آهي، تعليم کاتي جي آفيسرن جو تعليمي نظام بهتر هئڻ جون دعوائون ڌوڙ ثابت ٿيون آهن، جيڪب آباد ضلعي ۾ رڳو آگسٽ مهيني ۾ پرائمري سائيڊ جا 329 اسڪول بند قرار ڏنا ويا، جڏهن ته سيڪنڊري سائيڊ جا 78 اسڪول بند نڪتا، مجموعي طور ضلعي جا 407 اسڪول بند پيل آهن، سي ايم او پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب آگسٽ مهيني ۾ پرائمري سائيڊ جا 358 استاد گوسڙو 1106 استاد غير حاضر ۽ 49 استاد عادي گوسڙو نڪتا آهن، مجموعي طور 1513 استاد گوسڙو نڪتا آهن، جڏهن ته سيڪنڊري سائيڊ جا 85 استاد گوسڙو، 583 استاد غيرحاضر ۽ 6 استاد عادي گوسڙو آهن، مجموعي طور ضلعي ۾ 2187 استاد گوسڙو نڪتا آهن، چيف مانٽرينگ آفيسر پنهنجي رپورٽ ڊي جي مانيٽرنگ اينڊ ايويوليشن، ڊائريڪٽر سيڪنڊري ۽ پرائمري لاڙڪاڻو ڊي اي او سيڪنڊري ۽ پرائمري جيڪب آباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. بند پيل اسڪولن ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول سھڻو خان عمراڻي، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڏاتل بليدي، گورنمينٽ پرائمري اسڪول شهمير جمالي، گورنمينٽ پرائمري اسڪول غوث آباد، گورنمينٽ پرائمري اسڪول هوت آباد، گورنمينٽ پرائمري اسڪول محمد پنهل ڀنڊ، گورنمينٽ پرائمري اسڪول غلام محمد، گورنمينٽ پرائمري اسڪول گلاب مري، گورنمينٽ پرائمري اسڪول تاجوديرو، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ميرانپور، گورنمينٽ مڊل اسڪول مير محمد بروهي، گورنمينٽ مڊل اسڪول شيرانپور، گورنمينٽ مڊل اسڪول ميرانپور، گورنمينٽ مڊل اسڪول تاجوديرو، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺل، گورنمينٽ مڊل اسڪول مددپور، گورنمينٽ مڊل اسڪول حاجي جاڳڻ خان نوناري ۽ ٻيا شامل آهن.