جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي مال پڙي ڀرسان هڪ ڏينهن اڳ ريلوي ٽريڪ تي ريموٽ ڪنٽرول بم جو ڌماڪو ڪيو ويو، جنهن سبب جعفر ايڪسپريس جون 5 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون هيون، ان واقعي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي لاڙڪاڻي ۾ ريلوي جي پي ڊبليو آءِ جي ملازم سعيد احمد جي فرياد تي دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو آهي، داخل ڪيل ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو ته ملڪ دشمن عنصرن ريلوي جي مسافرن کي جاني ۽ جعفر ايڪسپريس تي ريلوي کي مالي نقصان پهچائڻ لاءِ بم ڌماڪو ڪيو ويو، جنهن سبب هڪ فوٽ تائين پٽڙي اڏري وئي ۽ 200 سليپر متاثر ٿيا آهن ۽ 5 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون آهن، ان حوالي سان سي ٽي ڊي ٿاڻي لاڙڪاڻي جي ايس ايچ او محمد بخش نائچ ٻڌايو ته ريلوي ٽريڪ تي ٿيل ڌماڪي جو ڪيس ريلوي ملازم جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، هوڏانهن ريلوي اختيارين بم ڌماڪي کانپوءِ ريلوي ٽريڪ جو ڪم 25 ڪلاڪن کان پوءِ مڪمل ڪري ورتو آهي، ريلوي ٽريڪ جو مرمتي ڪم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ بولان ميل، پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس، جيڪب آباد کان ڪراچي ويندڙ سکر ايڪسپريس ۽ خوشحال خان خٽڪ جو سروس بحال ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ ريلوي اختيارين ٻڌايو ته ريلوي ٽريڪ تي بم ڌماڪي کانپوءِ شروع ڪيل مرمتي ڪم مڪمل ڪري بلوچستان کان ريلوي جو سفر ملڪ جي ٻين صوبن ڏانهن بحال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بم ڌماڪي جو ڪيس ملڪ دشمن عنصرن خلاف داخل ڪرايو ويو آهي.