جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد پوليس اهلڪارن جو اسمگلنگ ۾ ملوث هئڻ جو انڪشاف، ايس ايس پي 36 اهلڪارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، اڄ طلب، خبر موجب پوليس اهلڪارن جو اسمگلنگ ۾ ملوث هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ضلعي جي سرحدي پٽي تي مقرر 36 اهلڪارن کي ايس ايس پي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، ايس ايس پي جيڪب آباد عامر عباس شاھه پاران پوليس اهلڪارن الهه بخش اوڍو، سمير احمد، طارق، حنيف بروهي، ميانداد، بخت جتوئي، چاڪر جکراڻي، آصف اوٺو، محمد علي ڪٽو، صدام ڪناسرو، مقيم کوسو، صلاح بنگلاڻي ۽ ٻين کي شوڪاز جاري ڪندي اڄ طلب ڪري ورتو، ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ته ڄاڻايل 36 اهلڪار جيڪي اڳين ۽ هاڻوڪي ايس ايس پي جي دور ۾ بلوچستان سان ملندڙ سرحدي پٽي جي چوڪين شنبي شاهه، شاهه غازي، ميهوپور، الهه آباد، سيف الله، آر ڊي 44، عمراڻي لاڙو تي مقرري دوران بلوچستان کان غير قانوني طور ايندڙ سامان ڪراس ڪرائڻ ۾ ملوث رهيا آهن، ايس ايس پي چيو ته 36 اهلڪار اسمگلنگ ۾ ملوث آهن، جاچ ۾ ثابتي ٿي ته انهن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويندو.