جيڪب آباد (رپورٽر) چيف مانيٽرنگ آفيسر پرائمري ۽ سيڪنڊري استادن جي هڪ ڏينهن واري موڪل وقت سر اطلاع ڏيڻ سان مشروط ڪري ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي، گسٽا ۽ پ ٽ الف اهڙي آرڊر کي رد ڪري ڇڏيو، خبر موجب چيف مانيٽرنگ آفيسر غلام محي الدين ٻرڙو هڪ ليٽر جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ سڀني هيڊ ماسترن کي پابند ڪيو آهي ته اهي استادن جي موڪل بابت وقت سر اطلاع ڏين، سي ايم او ٺل، ڳڙهي خيرو ۽ جيڪب آباد ۾ مانٽرينگ اسسٽنٽ پڻ مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جا فون نمبر به جاري ڪيا ويا آهن، استادن جي موڪل بابت صبح جو ساڍي اٺين وڳي تائين اطلاع ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سي ايم او جيڪب آباد غلام محي الدين ٻرڙو جو چوڻ آهي ته شڪايتون مليون آهن ته ڪجهه هيڊ ماستر گوسڙو استادن سان ٻٽ بڻيل آهن، انهن کي خلاف ڪارروائي لاءِ اهڙو ليٽر جاري ڪيو ويو آهي، سي ايم او جي جاري ڪيل ليٽر کي گسٽا ۽ پ ٽ الف رد ڪري ڇڏيو آهي، گسٽا اڳواڻ نصيب الله کوسو جو چوڻ آهي ته سي ايم او جو ليٽر تڪراري آهي، ان کي رد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.