جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد سول اسپتال جي ڪلارڪ خان محمد سرڪي چارج کسڻ تي مبينا طور زهر پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سول اسپتال آندو ويو.ڪلارڪ خان محمد سرڪي جو چوڻ آهي ته سول اسپتال ۾ مون کي نان گزيٽيڊ ٽريٽمينٽ، ايم ايل سي، پيٽي آرٽيڪل جون چارجون مليل هيون جيڪي مون کان کسيون ويون آهن جنهن لاءِ زهر پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي هن چيو ته اڳوڻي ايم ايس پاران مون کي اهي چارجون ڏنيون ويون هيون جيڪو سينيئر ڪلارڪ جي چوڻ تي مون کان واپس ڪيون ويون آهن هن مطالبو ڪيو ته مون کي ساڳيا چارج ڏنا وڃن ان سلسلي ۾ ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ ڊاڪٽر عبدالمالڪ کرل ٻڌايو ته ڪلارڪ خان محمد سرڪي بليڪ ميلر آهي ان کي ڪابه چارج مليل نه هئي هو اسپتالن جي ملازمن کي رشوت خوري لاءِ تنگ ڪندو آهي جنهن لاءِ ان کي ڪلارڪ واري سيٽ تي ڪم ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو ته هن زهر پيئڻ جو ڊرامو ڪيو آهي جيئن آئون ان جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي ان کي سڻڀي پوسٽ ڏيان پر آئون ايئن ڪونه ڪندس هن چيو ته ڪلارڪ جو پٽ صحت کاتي ۾ ڀرتي ٿيل آهي جيڪو اڪثر ڊيوٽي چور رهندو آهي ان کي به ڊي جي آفيس رليو ڪيو ويو اسپتال جو ماحول بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪيان پيو پر ڪجهه ملازم بليڪ ميلنگ ڪرڻ لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪري رهيا آهن جيڪي پاڻ ناڪام ٿي ويندا