جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد ۾ هڪ ٻيو افسوسناڪ واقعو، ڳورهاري عورت سان معصوم پٽ آڏو هٿيارن جي زور تي اجتماعي زيادتي، سخت تشدد ۾ رتورت، ڏند ڀڄي ڇڏيا، واقعي جو ڪيس داخل، 2 جوابدار گرفتار، صدر ٿاڻي جي حد جوڙيا چوڪ وٽ ٽن جوابدارن پورهيت امتياز سرڪي جي گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي 3 مهينن جي ڳورهاري زال ( ش س) کي معصوم پٽ آڏو اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو هٿياربندن متاثره عورت کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي رتورت ڪري ڇڏيو، جوابدارن تشدد ڪري عورت جا ڏند ڀڃي ڇڏيا آهن، پورهيت امتياز سرڪي صدر ٿاڻي تي پهچي شڪايت ڪئي آهي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي عورت کي کڻائي سول اسپتال پهچايو جتي طبي امداد ڏني وئي عورت جو ميڊيڪل ڪرايو ويو آهي، پورهيت امتياز سرڪي ٻڌايو ته ٽي جوابدار ٺارو جکراڻي شان جکراڻي ۽ واجد لغاري منهنجي غيرموجودگي ۾ گهر ۾ گهڙي زال کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻايو هٿياربندن معصوم پٽ آڏو زال سان اجتماعي زيادتي ڪئي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي تشدد سبب زال رتورت ٿي وئي ڏند ڀڳا ويا آهن، هن چيو ته جوابدارن ظلم ڪيو آهي انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪري سزا ڏني وڃي، جڏهن ته صدر ٿاڻي تي متاثره عورت شاهده سرڪي جي فرياد تي جوابدار شان جکراڻي ٺارو جکراڻي ۽ واجد لغاري خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ زيادتي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن پوليس ٻن جوابدارن ٺارو جکراڻي ۽ واجد لغاري کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي جوابدار شان جکراڻي جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن، ان سلسلي ۾ صدر پوليس ٻڌايو ته عورت سان زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو ٻه جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن شان جکراڻي جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن
ڪيس ڪرڻ تي جکراڻي ڌر جا ماڻهو ڌمڪائين پيا: متاثره عورت
جيڪب آباد: اجتماعي زيادتي جي شڪار عورت پاران واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو ته الزام هيٺ آيل جکراڻي برادري سان تعلق رکندڙ جوابدارن متاثره عورت جي گهر تي حملو ڪيو ويو، گهرڀاتين کي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، پوليس اطلاع تي پهتي ته جوابدار موقعي تي فرار ٿي ويا آهن، متاثره عورت جي گهر ٻاهران پوليس موبائيل بيهاري وئي آهي، ان سلسلي ۾ متاثره عورت جو چوڻ آهي ته مونسان ٻن جوابدارن معصوم پٽ آڏو اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو مون کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو تشدد ۾ منهنجا ڏند ڀڄي پيا آهن ڪيس داخل ڪرائڻ کانپوءِ جوابدار قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، گهر تي حملو ڪيو ويو آهي منهنجي زندگي کي خطرو آهي تحفظ فراهم ڪيو وڃي
زيادتي جو شڪار پوليو ورڪر به خوف کان شهر ڇڏي وئي !
جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ زيادتي جو شڪار پوليو ورڪر انصاف نه ملڻ تي مايوس ٿي شهر ڇڏي هلي وئي آهي، جيڪب آباد ۾ پوليو مهم دوران 11 سيپٽمبر تي پوليو ورڪر کي زيادتي جو نشانو بڻائي وڊيو رڪارڊ ڪئي وئي هئي جڏهن ته پوليو ورڪر جي ڪيس ۾ ان وقت جي ايس ايس پي ڊي سي ۽ ڊي ايچ او لاپرواهي ڏيکاري جنهن تي ٽنهي آفيسرن کي عهدي تان هٽايو ويو هو جڏهن ته پوليو ورڪر سان زيادتي ڪيس ۾ پوليس پاران صرف هڪ جوابدار تي زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو وڊيو رڪارڊ ڪندڙ جوابدارن جا نالا ڪيس ۾ شامل نه ڪيا ويا نه ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن ته پيپلزپارٽي جي سٽي صدر سوشل ميڊيا تي پوليو ورڪر عورت جي تذليل ڪئي، جيڪا مسلسل انصاف نه ملڻ تي مايوس ٿي شهر ڇڏي هلي وئي آهي.
جوابدار شان جکراڻي جي گرفتاري جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيا: ايس ايس پي
جيڪب آباد: ڳورهاري عورت (ش س) سان اجتماعي زيادتي واري واقعي جو ايس ايس پي جيڪب آباد صدام خاصخيلي نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي ايس ايس پي ايس ايڇ او صدر کان واقعي جا تفصيل ورتا آهن ايس ايچ او کي هدايت ڪئي وئي آهي ته عورت سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ ڪئي وڃي زيادتي واري ڪيس ۾ ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه اچي ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سخت سزا ڏياري وڃي