جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾چنا پاڙي جي رهواسي آفتاب ڪٽو جي باهه ۾ سڙيل 6 ورهين جي ڀائيٽي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي. آفتاب احمد ڪٽو دانهيندي چيو ته لکين روپين جي پگهار وٺڻ باوجود هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ ڪوبه ڊاڪٽر ڊيوٽي تي موجود ناهي، جيڪا شرم جوڳي ڳالهه آهي سنڌ سرڪار صحت جي سهولتن جون دعوائون ڪوڙ تي ٻڌل آهن هن صوبائي وزير صحت سيڪريٽري صحت کان مطالبو ڪيو ته سول اسپتال جي تباهي جو نوٽيس ورتو وڃي ڊيوٽي تان غير حاضر رهندڙ ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ڊاڪٽرن کي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ پابند بڻايو وڃي.