جيڪا پارٽي پارليامينٽ ۾ نه هجي آزاد اميدار ڪيئن ملندا؟ سني اتحاد مخصوص سيٽن جي حقدار ناهي: سپريم ڪورٽ

0
33
ووٽ ڏيڻ بنيادي حق ناهي، جج آئين کان ٻاهر فيصلا ڪيئن ڏئي سگهن ٿا ؟ آئيني بينچ
ووٽ ڏيڻ بنيادي حق ناهي، جج آئين کان ٻاهر فيصلا ڪيئن ڏئي سگهن ٿا ؟ آئيني بينچ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جي ججز رمارڪس ڏيندي چيو ته پارليامينٽ ۾ ايندڙ پارٽيءَ ۾ آزاد اميدوار شامل ٿي سگهن ٿا، پر جيڪا سياسي پارٽي پارليامينٽ ۾ ئي نه هجي، ان ۾ آزاد اميدوار ڪيئن شامل ٿي سگهن ٿا ؟ تنهن ڪري سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽن جي حقدار ناهي، وڪيل مخدوم علي خان پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا. اليڪشن ڪميشن پنهنجو موقف عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، مسلم ليگ ن ۽ پ پ جي وڪيلن چيو ته اسان اڄ لکت ۾ عدالت ۾ پنهنجو موقف پيش ڪنداسين. سني اتحاد ڪائونسل جو وڪيل فيصل صديقي اڄ دليلن جي شروعات ڪندو. سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن بابت حڪومت جي نظرثاني اپيلن جي ٻڌڻي جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 11 رڪني فل ڪورٽ بينچ ڪئي، جيڪا يوٽيوب چينل تي سڌي ريت ڏيکاري وئي. درخواستگذار طرفان وڪيل مخدوم علي خان دليلن جي شروعات ڪئي. جسٽس مسرت هلالي سوال ڪيو ته سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽن تي ڪهڙي بنياد تي دعويٰ ڪري رهي آهي؟ ڇا سني اتحاد ڪائونسل چونڊن ۾ حصو ورتو هو؟ جنهن تي مخدوم علي خان چيو ته سني اتحاد ڪائونسل پاڻ چونڊن ۾ حصو نه ورتو، ان جي چيئرمين حامد رضا آزاد حيثيت سان چونڊ وڙهي. جسٽس محمد علي مظفر رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏنو هو ۽ اهو نوٽيفڪيشن عدالت جي سامهون هو. مخدوم علي خان چيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو نوٽيفڪيشن مان متاثر ٿئي ته عدالت کي اهو نوٽيس ڏيڻ گهرجي. هن دليل ڏنو ته عدالتي فيصلي ۾ آئين جي آرٽيڪل 225 جو ذڪر ئي نه آهي، جڏهن ته ان آرٽيڪل تحت ڪنهن به چونڊ تي سوال نٿو اٿاري سگھجي. جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته آرٽيڪل 225 جو هن ڪيس تي ڪيئن لاڳو ٿئي ٿو؟ جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر وضاحت ڪئي ته هي مخصوص سيٽن جو مامرو آهي، جيڪي متناسب نمائندگي جي بنياد تي الاٽ ٿيندي آهي. مخدوم علي خان چيو ته مخصوص سيٽن جون فهرستون اليڪشن وٽ اڳ جمع ٿينديون آهن، ۽ جيڪڏهن نامزدگي ڪاغذن ۾ غلط هجي ته معاملو ٽربيونل ڏانهن ويندو آهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن توهان جو دليل مڃجي ته پوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ جو اختيار ئي نه هجي ها، جنهن تي مخدوم علي خان چيو ته ان وقت مخصوص ميمبرن جا نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيا هئا. هن چيو ته آئين ۽ قانون جي ابتڙ فيصلا ناقص هوندا آهن ۽ عدالت جي ذميواري آهي ته اهڙي غلطي درست ڪري. جسٽس مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اڪثريتي ججن کي فيصلو درست لڳي ته نظرثاني اپيل رد ٿي سگهي ٿي. جنهن تي مخدوم علي خان چيو ته جي نظرثاني اپيل رد ٿي ويندي. مخدوم علي خان چيو ته پي ٽي آءِ شروع ۾ ڪيس جو ڌر نه هئي، متفرق درخواست ذريعي عدالت ۾ شامل ٿي. هن چيو ته چيف جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجي اقليتي فيصلي ۾ چيو ته پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن لاءِ درخواست نه ڏني هئي، صرف معاونت لاءِ درخواست ڏني هئي. جسٽس مندوخيل چيو ته انهن جي فيصلي موجب 39 ماڻهن کي پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل قرار ڏئي مخصوص سيٽون ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. هن چيو ته انهن ماڻهن پارٽي سرٽيفڪيٽ ۽ وابستگي جي خاني ۾ پي ٽي آءِ لکيو هو. جسٽس امين الدين چيو ته اهو رڪارڊ عدالت جي سامهون نه هو، جنهن تي جسٽس مندوخيل چيو ته اهو رڪارڊ عدالت پاڻ اليڪشن ڪميشن کان گهرايو هو. مخدوم علي خان چيو ته اڪثريتي فيصلي ۾ فني غلطي کي نظرانداز ڪري مڪمل انصاف جو اختيار استعمال ڪيو ويو، پر ڪنهن ٽئين ڌر کي رليف نٿو ڏئي سگهجي. جسٽس مندوخيل چيو ته هي سپريم ڪورٽ آهي، سيشن ڪورٽ نه، هي عوام جي ووٽ جي حق جو معاملو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجي اقليتي فيصلي ۾ لکيو هو ته مڪمل انصاف جو اختيار احتياط سان استعمال ٿيڻ گهرجي. جسٽس مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته چونڊ نشان نه هجڻ سان سياسي پارٽي ختم نٿي ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته اليڪشن اميدوار وڙهندا آهن، پارٽيون نه. هن چيو ته جيڪڏهن سني اتحاد ڪائونسل پنهنجو نشان استعمال ڪندي اليڪشن وڙهي ها ته مسئلو نه ٿئي ها، يا جيڪڏهن آزاد اميدوار پي ٽي آءِ ۾ ئي رهي ها ته به مسئلو نه ٿئي ها. جسٽس حسن اظهر رضوي سوال ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن يا پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ نوٽيفڪيشن چئلينج ڪيو هو؟ جنهن تي مخدوم علي خان چيو ته نه، پي ٽي آءِ نوٽيفڪيشن چئلينج نه ڪيا هئا. هن موقف اختيار ڪيو ته مخصوص سيٽن بابت اڪثريتي فيصلي ۾ آئين کي ٻيهر لکيو ويو آهي، ۽ عدالت کان استدعا ڪئي ته نظرثاني اپيلون منظور ڪيون وڃن. هن چيو ته نظرثاني ڪيس ۾ عدالت پنهنجو موقف تبديل ڪري سگهي ٿي. جسٽس مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا مان مخصوص سيٽن تي پنهنجو فيصلو تبديل ڪري سگهان ٿو؟ جنهن تي مخدوم علي خان چيو ته ها، توهان پنهنجي راءِ تبديل ڪري سگهو ٿا. جسٽس مسرت هلالي چيو ته پٺاڻ جي هڪ ئي زبان هوندي آهي، جنهن تي مخدوم علي خان چيو ته زبان هڪ هوندي آهي، راءِ تبديل ٿي سگهي ٿي.