جيو پوليٽڪس، بحرانن جو طوفان ۽ عالمي صف بندي

0
65
جيو پوليٽڪس، بحرانن جو طوفان ۽ عالمي صف بندي

 سڀ کان پھرين اھو سمجھڻ اھم آھي ته دراصل جيو پوليٽڪس (Geopolitics) ھوندي ڇا آهي. جيو پوليٽڪس ٻن لفظن جي ميلاپ آھي “جيو” يعني زمين ۽ ٻيو “پوليٽڪس” يعني سياست. ھاڻي ان کي اسان زميني سياست چئي سگھون ٿا جيڪا جيولوجيڪل فيڪٽرس جي جوڙجڪ آھي. ھتي جيولوجي جي پسمنظر کان ھي فيڪٽرس اچي وڃن ٿا جنھن ۾ بيھڪ، آبهوا، قدرتي وسيلا، آبادي ۽ خطي جي زميني لحاظ کان طبعي جوڙجڪ. جڏھن اسان ھن خطن جي جيولوجي کي سياست سان جوڙ ڪندا آھيون ته اسان وٽ صرف ھڪ لفظ جيو پوليٽڪس نه بلڪه ھڪ انتھائي اھم تصور ۽ ڊگھو بحث ٺھي ٿو وڃي. ھاڻي جيڪڏھن اسان انھي سڄي ڳالهه جو نچوڙ ڪڍنداسين ته جيو پوليٽڪس يعني جيولوجيڪل فيڪٽرس جو خطن جي زميني ۽ ملڪي مفادن ۽ پرڏيهي پاليسي تي پوندڙ اثر کي مطالعي يا غور و فڪر ھيٺ آڻڻ.

                 جيو پوليٽڪس ۾ بيھڪ کي وڏي اهميت حاصل ھوندي آھي جنھن جي آڌار تي گھڻي قدر پرڏيھي لاڳاپن کي تشڪيل ڪيو ويندو آهي، ڇو ته بيھڪ جي لحاظ کان رياستن جا چار اھم ٿنڀا ھوندا آھن. الڳ ٿلڳ رياستون (Isolated States)، زميني بند ٿيل خطا (Landlocked regions)، گرم خطا (Temperate Regions)، خط استوا جي چوڌاري گھيريل خطا (Equator Regions). ايڪھين صدي ۾ دنيا ڪيترن ئي بحرانن جي لپيٽ ۾ آھي جنھن ۾ نمايان سياسي بحران، معاشي بحران ۽ کاڌ خوراڪ جا بحران آھن. جڏھن ته انھن سڀني بحرانن ۾ ڪيترن ئي فيڪٽرس سان گڏ جيو پوليٽڪس (Geopolitics) جو پڻ نمايان ڪردار آھي. جيو پوليٽڪس ھيل وس وارين رياستن جو ھڪ ھٿيار آھي جنھن جي ذريعي اھي محڪوم خطن تي ھر وقت پنھنجو حڪم ھلائي انھن کي پنھنجي چنبي ۾ ڪن ٿيون، ھيل جيڪي به رياستون آھن اھي پنھنجي جاگرافي کي مضبوط ڪرڻ ۾ رڌل آهن. ھاڻي عالمي سطح تي پئسو ئي ھن دنيا جو بين الاقوامي نظريو آھي، جنھن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مختلف خطن ۾ جيو پوليٽڪس لڙائيءَ (Geopolitics Conflict) وارو ٽول به استعمال ٿئي پيو. ھن دنيا ۾ اگر نگاھ ڊوڙائي ڏسون ته جنھن به رياست وٽ پنھنجا اڻ کٽ وسيلا آھن، ان باوجود به ان کي انھن وسيلن تي حق حاصل ناھي. انھن رياستن جي وسيلن جي روانگي ٻين قوتن جي اشاري سان ٿئي ٿي يا ته عالمي منڊي ۾ پيداوار جو پھچڻ ئي ممڪن ناھي ھوندو، يا ان جيو پوليٽيڪل لڙائيءَ جي مخالفت ۾ ڪيترائي ملڪ اقتصادي لحاظ کان بليڪ لسٽ ۾ ھليا وڃن ٿا، جڏھن ته ھينئر دنيا ۾ ٻه ملڪ جيڪي بليڪ لسٽ ۾ آھن ايران ۽ اتر ڪوريا.

جيو پوليٽڪس جو گھڻي ڀاڱي اثر پرڏيھي لاڳاپن تي پوي ٿو. تازو ئي روس ۽ يوڪرين جنگ دنيا تي ڪيترائي اثر ڇڏيا آھن جيڪي سڀني جي سامھون آھن. يوڪرين جنھن جو فوڊ ايڪسپورٽ ۾ 25 فيصد حصو آھي جيڪو ڪاري سمنڊ (Black Sea) ذريعي ٻاھرين ملڪن ڏانھن پنھنجي پيداوار جي روانگي ڪندو ھو پر روس پاران ڪاري سمنڊ تي قبضي جي ڪري ھاڻي دنيا سنگين بحران ۾ آھي ڇو ته آمدورفت خرچ گھڻي ڀاڱي وڌي ويا آهن. خاص ڪري مشرقي يورپ (Eastern Europe)، وچ اوڀر (Middle East) ۽ آفريڪا (Africa) جا ڪيترائي ملڪ جيڪي ڪڻڪ جي آمدني جي حوالي سان روس ۽ يوڪرين تي دارومدار رکن ٿا. روس يوڪرين لڙائيءَ جي ڪري 20 ملڪن پنھنجي پيداوار جي روانگي تي ڳورا ٽيڪس لڳائي ڇڏيا آهن جڏھن ته 14 ملڪن پنھنجي پيداوار جي روانگي تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ورلڊ فوڊ پروگرام (WFP) جي تحت روس يوڪرين وار جي شروع ٿيڻ کان نو مهينا اڳ يوڪرين 51 ملين ميٽرڪ ٽن اناج جي روانگي ڪئي ھئي. ھاڻي جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته صرف روس ۽ يوڪرين جي لڙائيءَ جي ڪري سڄي گلوب تي ڪيڏو اثر ٿيو اھو سڄو تڏھن ٿيو جڏھن روس پرڏيھي لاڳاپن جي اصولن کي رد ڪندي پنھنجي بحري رستن ي استعمال ڪرڻ تي پابندي ھڻي ڇڏي، جنھن جي ڪري دنيا ۾ کاڌ خوراڪ جو بحران وڌي ويو جنھن ملڪن جو معاشي ڏيوالو ئي ڪڍي ڇڏيو آھي.

ڪجھه ماھرن جو اھو چوڻ آهي ته جيڪڏهن روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ بندي نه ٿي ته اھو معاملو سنگين بحرانن کي جنم ڏيندو، جنھن ۾ کاڌ خوراڪ جي بحران جو وڏو ٽرينڊ ھلندڙ آھي ۽ جنھن جي ڪري ئي دنيا ٽين عالمي جنگ (Third World War) جي طرف ھلي ويندي. ھاڻي ٽين عالمي جنگ جو دارومدار پڻ جيو پوليٽڪس تي ئي اچي بيٺو آھي. دنيا جي ھن اڏام ۾ ڊجيٽل فيڪٽرس جو به بلڪل پنھنجي جڳهه تي خاص مقام آھي پر دنيا جي ھن سفر ۾ زميني عنصرن (Geo Factors) جو به وڏو ڪردار آهي. جيو پوليٽڪس ھاڻي پوليٽيڪل سائنس جي مکيه شاخ بڻجي وئي آهي، جنھن کي استعمال ڪندي وس واريون رياستون محڪوم قومن تي پنھنجا طوق مسلط ڪري رھيون آھن. جڏھن ته جيو پوليٽڪس کان اڳ خطن ۾ گھرو ويڙهه ۽ معاشي بحران کي جنم ڏنو ويندو آهي جنھن کانپوءِ ويجھن خطن ذريعي ملڪن مٿان ڪجھه سماج سڌارڪ پروجيڪٽس نالي پنھنجا قانون مسلط ڪيا ويندا آهن.

جڏھن کان ڌرتي مٿان مصنوعي سرحدن جا طوق مسلط ٿيا تڏھن کان قومن مان پنھنجائپ وارو عنصر ختم ٿي ويو آھي. سرمائي واري نظريي رياستي نظام جي اوسر ڪئي. دنيا جون تقريباً رياستون جيڪي سرمائي جي سنگھرن ۾ جڪڙجي عالمي سياسي منظرنامي (جنھن جو اندروني ڍانچو سرمائي، بين الاقوامي تجارت ۽ گلوبل ريسورس مٿان بالادستي حاصل ڪرڻ آھي) جون پوئلڳ بڻجي ويون. نتيجي ۾ عالمي صف بندي ۾ محڪوم رياستن ۽ طاقتور رياستن واري محاوري جنم ورتو ۽ جنھن کي ٻي مھاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ حقيقي روپ ۾ پريڪٽيڪل طور استعمال ڪيو ويو، جنھن پريڪٽس خانه جنگي کي ھٿي ڏني. ايٽمي تباھ ڪاري کانپوءِ جنھن جنگ دنيا کي تباھ ڪيو آهي اھا سول وار آھي. اڄ به گلوبلائيزيشن مواصلات تائين ھڪ ڪارگر طريقيڪار آھي پر اھي رياستون جن ۾  “گلوبلائيزيشن” بجاءِ جديد مواصلاتي نظام، ٽيڪنالاجيڪل تعلقات ۽ سوشل مساوات جي صرف ھڪ غيرجانبدار نمونو (Prototype) آھي ته سمجھو انھن خطن ۾ وسيلن کان ويندي کوڙ سارا مفاد مسمار ٿي چڪا آهن. اڄ جي ماڊرن ايج ۾ ٽيڪنالاجيڪل انقلاب جي ٻي پاسي عالمي بليڪ ميلنگ وارو ڄار پڻ وڇايل آھي جنھن جا کوڙ سارا فيڪٽرس آھن. جنھن ۾ نمايان فيڪٽر جيو پوليٽڪس پڻ آھي، جنھن ۾ بين الاقوامي بگھڙ کوڙ سارين رياستن جون سرحدون اورانگهي مختلف ملڪن جي مفادن کي پنھنجي بالادستي قائم دائم رکڻ لاءِ استعمال ڪري رھيا آھن، جنھن نظريي جو شڪار وڌ کان وڌ وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جا ملڪ ٿي رھيا آھن، جنھن ۾ سول وار جي چڻنگ ڪڏھن گھٽ ڪڏھن تيز پر اجھامڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. ھاڻي عالمي قوتون اھڙن ڪيترن ئي طريقن ذريعي محڪوم قومن مٿان حاوي ٿي انھن جي مفادن، وسيلن، ذھنن ۽ جاگرافي کي پنهنجي قبضي ھيٺ آڻڻ جا جتن ڪري رهيون آهن، جنهن کي ڪنهن به صورت م ناڪام ڪرڻ ھر فرد تي فرض آهي.