اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني پي ٽي آءِ پٽن سان فون تي ڳالهه ٻولهه، اخبارن جي فراهمي، ذاتي معالج کان طبي معائني جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. درخواست وڪيل فيصل فريد چوڌري اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند جي عدالت ۾ داخل ڪرائي. جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته باني تحريڪ انصاف کي اڊيالا جيل ۾ ٽي وي جي سهولت بحال ڪئي وڃي، انگريزي اخبارون فراهم ڪرڻ توڙي ذاتي ڊاڪٽر کي معائنو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عدالتي حڪمن موجب باني پي ٽي آءِ باني جي پٽن سان ڳالهه ٻولهه نه پئي ڪرائي وڃي. درخواست جي ٻڌڻي اڄ اڊيالا جيل ۾ ٿيندي.

9 مئي جي 11 ڪيسن جي ٻڌڻي 29 جنوري تائين ملتوي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 9 مئي جي 11 ڪيسن جي ٻڌڻي 29 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جي ايچ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿيندي، جي ايچ ڪيو حملي ڪيس ۾ 119 مان 117 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. عدالت جي ايچ ڪيو حملي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي.

فوجي عدالتون ڪيئن پاڻ ايگزيڪيوٽو بڻجي فيصلا ڪري سگهن ٿيون: اسد قيصر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته فوجي عدالتون ڪيئن پاڻ ايگزيڪيوٽو بڻجي فيصلا ڪري سگهن ٿيون ۽ اُنهن تي عمل ڪرائين ٿيون؟ هن چيو ته فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل ڪنهن به صورت ۾ نٿو ٿي سگهي، ملٽري ڪورٽس مان ڪارڪنن کي سزائن تي افسوس آهي، الزامن تي دهشتگردي عدالتن سوڌو ٻيا فورم موجود آهن.