لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن جي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي جيل ڀريو تحريڪ معطل ڪرڻ ۽ ڇنڇر کان چونڊ مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته شهباز شريف، رانا ثناءُ الله، ڊرٽي هيري ۽ ٻه ٻيا آفيسر مون تي وري حملو ڪرائي مون کي قتل ڪرائي سگهن ٿا. سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد به ماحول جڙيل آهي ته شايد چونڊون وقت تي نه ٿين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان چونڊن جي حوالي سان عدالتي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته آئين جي پاسداري سپريم ڪورٽ جي ذميواري هئي، سپريم ڪورٽ بهادري سان پنهنجو ڪردار نڀايو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو اڄوڪو فيصلو پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني جي تصديق آهي. عمران خان جيل ڀريو تحريڪ معطل ڪرڻ ۽ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ ڇنڇر کان چونڊ مهم شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. ٻئي طرف وڊيو بيان ۾ عمران خان چيو ته قانون واري وزير فيصلي بابت شرمناڪ بيان ڏئي عدليا کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد به ملڪ ۾ فضا جڙيل آهي ته شايد چونڊون 90 ڏينهن ۾ نه ٿين، پنهنجي پارٽي ۽ قوم طرفان سپريم ڪورٽ کي يقين ٿو ڏياريان ته اسان سڀ توهان سان گڏ آهيون. پهرين به اهڙا فيصلا ٿين ها ته پاڪستان خوشحال ترين ملڪ هجي ٿا. هي ماڻهو پئسا خرچ ڪري حرام جي پئسن سان ماڻهو خريد ڪري حڪومت ۾ ايندا آهن انهن قانون تبديل ڪري 1100 ارب رپين جي ڪرپشن جا ڪيس معاف ڪرايا. هن چيو ته ن ليگ آزاد عدليا کي ڪڏهن به پسند نه ڪيو، يقين ڏياريون ٿا ته ڪو غيرقانوني ڪم نه ٿئي. فيصلي بعد اسان جيل ڀريو تحريڪ ختم ڪئي ڇنڇر جي شام کان چونڊ مهم شروع ڪري رهيا آهيون ڇنڇر تي ٻڌائيندس تحريڪ انصاف جو ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍڻ جو روڊ ميپ ڪهڙو هوندو. هن چيو ته عالمي ڪريڊٽ ايجنسي جي ريٽنگ ۾ پاڪستان سڀ کان هيٺ آهي، قرض ڪيئن واپس ڪرڻا آهن حڪومت وٽ ڪو روڊ ميپ نه آهي، اسان کي چيڀاٽڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ پهرين ڪڏهن به نه ٿيو، مير جعفر ۽ مير صادق ٻاهر جي طاقتن کي پاڻ سان ملائي حڪومت ڪيرائڻ جي غداري ڪئي. هن چيو ته مون کي اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو ڪارڪنن کي ته اچڻو هو ڇاڪاڻ ته قاتلاڻي حملي بعد پهريون ڀيرو اسلام آباد اچي رهيو هئس، ڪارڪنن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن مون تي وڌيڪ ٻه ڪيس ٺاهيا ويا آهن مون تي هيستائين 74 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته گهر ۾ هوندو آهيان ۽ مون تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ٿين ٿا اليڪشن ڪميشن اسان جي مخالفن کي آڻي ويهاريو آهي. هن چيو ته نوازشريف 4 ۽ آصف زرياري 4 گاڏيون توشا خاني مان ڪڍيون، شهباز شريف تي 24 ارب جا نيب ۽ ايف آءِ اي جا ڪيس معاف ڪرايا، پاناما ۾ مريم نواز پڪڙي وئي 5 ارب جي مي فيئر فليٽ ان جي ملڪيت هئا. 1100 ارب جا ڪيس معاف ڪرايا ويا آهن آصف زرداري تي 370 ڪروڙن جو پارڪ لين ريفرنس، 37 ارب جا ڪيس، نواز ۽ آصف تي توشا خاني جا ڪيس ختم ڪرايا ويا. چوڌري شگر ملز جو 250 ڪروڙ رپين جو ڪيس معاف ڪيو ويو. هن چيو ته مون پارٽي فنڊنگ ڪيس ۾ سڀ تفصيل ڏنا مون تي ڪڏهن توشاخانا، ڪڏهن پارٽي فنڊنگ ڪيس ٺاهيو ويو مون تي حملو ٿيو ته مون ٽن ماڻهن جا نالا کنيا جن ۾ شهباز شريف، رانا ثناءُ الله ۽ ڊرٽي هيري شامل هئا، ڪهڙي مجبوري هئي جو نگران حڪومت جي آءِ ٽي ختم ڪئي ۽ جن رپورٽ خراب ڪئي انهن کي شامل ڪيو، ايترو ڪير ڊنل آهي؟ بيڏوهي آهيو ته ڪم ڪرڻ ڏيو ها. هن چيو ته هي ڊنل آهن ته عمران خان اقتدار ۾ اچي ويو ته هنن جي شامت اچي ويندي. هن چيو ته مون پهرين چيو هو ته منهنجي حياتي کي خطرو آهي ته مون تي حملو ٿيو وري چوان ٿو ته مون تي حملي جو خطرو آهي شهباز شريف، رانا ثناءُ الله، ڊرٽي هيري ۽ 2 ٻيا ماڻهو وري مون تي قاتلاڻو حملو ڪرائيندا، مون وڊيو رڪارڊ ڪري رکي ڇڏي آهي ٻن ٻين جا نالا نه ٿو ٻڌايان. هن انڪشاف ڪيو ته جڏهن نواز شريف بيمار هو ته مون کي حڪم ڪيو ويو ته جيڪڏهن  نواز شريف کي ڪجهه ٿيو ته توهان ذميوار هوندئو مون تي حملو ٿيو ڪير ذميوار هوندو؟ هي هي روز مون تي ڪيس ڪندا ويندا ته مون کي ڪير تحفظ ڏيندو. هن چيو ته  هي چونڊون ڪرائڻ کان ڊنل آهن، هنن جي اچڻ بعد ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ، 80 لک ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن، اسان جي دور ۾ 16 سيڪڙو مهانگائي هئي هنن 42 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي اڃا ان ۾ اضافو ٿيندو.