لنڊن(م ڊ) وڪي ليڪس جي باني جوليان اسانج کي آزادي ملي وئي، هو 1901 ڏينهن کان بيلمارش جيل ۾ قيد هو، جوليان اسانج کي لنڊن جي هاءِ ڪورٽ ضمانت تي آزادي ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ هو برطانيا روانو ٿي ويو. اسانج آزادي جي بدلي آمريڪي انصاف واري کاتي سان ڏوهه جي اعتراف تي راضپي جي ڊيل ڪري ورتي آهي. جولين اسانج 2010  ۾ آمريڪا جي ڳجهي معلومات ليڪ ڪئي هئي، هو ماريانه آءِ لينڊز جي وفاقي عدالت ۾ پيش ٿيندو جاسوسي ايڪٽ تحت لاڳو الزام کي تسليم ڪندو، آمريڪي انصاف واري عدالت سان ڊيل سبب اسانج کي وڌيڪ سزا نه ٻڌائي ويندي.