ڪراچي(م ڊ) وزيرستان مان چونڊيل گرفتار ايم اين اي علي وزير جناح اسپتال ۾ احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسپتال ۾  منهنجي حياتي محفوظ نه آهي، ٻه حملا ٿيا آهن يا ته جيل اماڻيو وڃي يا وري بجيٽ اجلاس لاءِ اسلام آباد نيو وڃي. بي بي سي موجب هن سوشل ميڊيا تي وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ هو جناح اسپتال ڪراچي ۾ احتجاج ڪندي نظر اچي رهيو آهي. هن جو موقف آهي ته هتي مون تي ٻه حملا ٿيا آهن، پهريون حملو ان وقت ٿيو جڏهن آئون هتي پهتو هيس ۽ ٻيو حملو ان کانپوءِ ڪيو ويو. هن چيو ته يا ته مون کي واپس جيل اماڻي ڇڏيو ڇاڪاڻ ته هتي آئون غيرمحفوظ آهيان، ٻيو ته منهنجا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا آهن مون کي جيل نه ته بجيٽ اجلاس ۾ اماڻي ڇڏيو.