گمبٽ/ کهڙا/ ڪنب (نمائندن وٽان) برساتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ گمبٽ ڀرسان روهڙي ڪئنال کي لڳل ڪٽ زبردستي بند ڪرائڻ خلاف پاڻي ڪاميٽيءَ جي سڏ تي گمبٽ، کهڙا، ڪنب ۽ ڊرٻ ميهر شاهه ۾ شٽربند هڙتال، ايس ايس پي خيرپور گمبٽ، کهڙا ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن کي ٻوڙيندڙ ڪٽ بند ڪرائڻ بدران روهڙي ڪئنال ذريعي پاڻي نيڪالي خاطر ڏنل ڪٽ بند ڪرائڻ جي هوڏ تي قائم، سوين شهرين پاران پپري پمپنگ اسٽيشن وٽ ٽئين ڏينهن به احتجاجي ڪئمپ قائم. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ شهرين حاجي عبداللطيف شيخ، خالد حسين شيخ، فوجي عبداللطيف ناريجو، صفدر علي سهتو، نثار احمد ابڙو، مخدوم منصور احمد هاشمي، ميان رازق ڏنو اڄڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو جيلاني سم نالي جي پاڻي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. ڊرٻ ميهر شاه ڀر سان 10 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن. کهڙا شهر ۾ 5 کان 6 فوٽ سم نالي جو پاڻي شهرين جي گھرن اندر بيٺل آهي. گمبٽ ۾ پڻ ساڳي صورتحال آهي. شهري لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. انتظاميا غيرقانوني ڪٽ بند ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن واضح ڪيو ته سم نالي کي مختلف هنڌن کان لڳايل ڪٽ بند ڪرڻ کان اڳ روهڙي ڪئنال وارو ڪٽ زبرستي بند ڪيو ويو ته شهر ڪجهه ڪلاڪن اندر ٻڏي ويندا. هوڏانهن ايس ايس پي خيرپور روحيل خان کوسي  پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسين عوام جا محافظ آهيون، احتجاجي ڪئمپ تي ويٺل ماڻهن مٿان لاٺي چارج يا ڪيس داخل ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهان، روهڙي ڪئنال جي پڇڙي وارا ماڻهو پاڻي پيئڻ لاءِ واپرائيندا آهن، روهڙي ڪئنال ۾ ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي خراب آهي جنهن سان زندگيون ضايع ٿي سگهن ٿيون، جيڪڏهن عدالت جو حڪم هوندو ته ڪٽ بند ڪرايو ويندو.

فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) واهن ۽ سم نالن کي لڳايل هٿرادو ڪٽن جي نتيجي ۾ ٺري ميرواهه، محرابپور، پير وسڻ ۽ لاکاروڊ کان ايندڙ پاڻي فيض گنج تعلقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، 40کان وڌيڪ ڳوٺن کي پاڻي ٻوڙي ڇڏيو، هزارين رهواسي ڦاٿل، انتظاميا گم، پاڻي مهراڻ نيشنل هاءِ وي ۽ پڪا چانگ ڀريا روڊ روڊ سان ٽڪرائجي ويو. پڪا چانگ شهر سميت تعلقو ٻڏڻ جو خطرو. رپورٽ موجب ٺري ميرواهه، پير وسڻ، لاکا روڊ، ڪورڪي حاجاڻا ۽ ٻين علائقن ۾ بااثر ماڻهن ڪٽ لڳائي پاڻي فيض گنج تعلقي ۾ ڇوڙ ڪري ڇڏيو، واهن کي لڳايل ڪٽن سبب درگاهه حاجي حسين شاهه جيلاني، ڳوٺ مٺو چانگ، نوح راڄپر، بلوچ خان، ڪوڙو لاکو، مشقول خان بالادي،  عبدالعزيز آرائين، حاجي سجاول خاصخيلي سميت 40 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ 3 کان کان 4 فوٽ پاڻي بيهجي ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ لڏپلاڻ جو سلسلو به جاري آهي. واهن کي ڪٽ ڏيڻ بعد پاڻي ڄاڻايل ڳوٺن کي ٻوڙڻ بعد پڪاچانگ باءِ پاس مهراڻ نيشنل هاءِ وي سان  ٽڪرائجي ويو آهي. پاڻيءَ ۾ مسلسل واڌ اچڻ ڪري پڪا چانگ شهر ٻڏڻ جو به خطرو پيدا ٿي ويو آهي. علائقي واسين جو چوڻ هو ته 50 ڪلوميٽر چوراسي ايراضيءَ کي پاڻي پنهنجي لپٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. پير وسڻ کان  مهراڻ نيشنل هاءِ وي ڪراس ڪندڙ پاڻي  بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ فيض گنج تعلقو مڪمل طور ٻڏي سگهي ٿو. ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺاڻن رياض چانگ، ماجد علي، سينگار علي، صدام حسين چانگ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ٺري ميرواهه، لاکا روڊ، پير وسڻ، ڪورڪي، ڪوٽڏيجي ۽ ٻين علائقن کان آيل پاڻي تباهي مچائي ڇڏي آهي، 40 ڳوٺ مڪمل طور پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن. مسلسل چاڙهه ڪري رهيل روڊن رستن کي پاڻي ٻوڙي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر فيض گنج مستقيم قريشي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پاڻي مٿان اچي رهيو آهي، جيڪو اسان بند ڪرائي نٿا سگهون، ڳوٺن ۾ بيٺل پاڻي سرڪاري پلان ذريعي هيٺ نيڪال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته رهواسين اسان تي حملا ڪيا. ان ڪري اسان مجبور ٿي پاڻي نيڪال ڪرائي نه سگهيا آهيون.