ٺٽو (رپورٽر) ورڪس سروس ۽ جيلن جي کاتي واري صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري چيو آهي ته جيترا ترقياتي ڪم ٺٽي ۾ ٿيا آهن انهن جي ڀيٽ ۾ نوابشاھه  ۾ 50 سيڪڙو به ڪم ناهن ٿيا، صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري چيو ته سنڌ جي ٻين ضلعن کان وڌيڪ ترقياتي ڪم ۽ عوامي ڀلائي جا ميگا منصوبا ٺٽي ضلعي ۾ ڪرايا ويا آھن، روڊ رستن، اسپتالن، اسڪولن، ڊرينيج، پيئڻ جي پاڻي جون اسڪيمون مڪمل ٿي ويون آھن، هن چيو ته ڪوسٽل هاءِ وي جهڙي ميگا منصوبي تي تيزي سان ڪم هلندڙ آھي.