ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جماعت اسلامي جي ڪاميابي کان خوفزده پ پ اليڪشن ڪميشن سان ملي ڀڳت ڪري مڪاني چونڊن کان فرار ٿيڻ  چاھي ٿي پر 7 مئي تي رٿيل ننڍي مڪاني اليڪشن ضرور ٿيندي،  ڪالهه افطار پارٽي کي خطاب ڪندي ھن چيو ته ڪراچي کي پ پ جي ھٿان وڌيڪ تباھ ٿيڻ نه ڏينداسين،  پ پ چاھي ٿي ته جعلسازي ذريعي جماعت اسلامي جون کٽيل سيٽون گھٽائي جيالو ميئر آڻي پر ايئن ٿيڻ نه ڏينداسين، ھن چيو ته سازش تحت ڪراچي جي آدمشماري کي  گھٽ ڏيکاريو ويو آهي، اسان  ڪراچي جي حقن لاءِ جدوجهد ڪنداسين ـ