ٽنڊو محمد خان(رپورٽر ) جيئي سنڌ قومي پارٽي طرفان سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏجڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف 8 اپريل تي مورو باءِ پاس تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو ، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي مرڪزي چيئرمين نواز خان زئور، گلشير چانگ، ساجد سنڌي ۽ ٻين ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌو تي 6 نوان ڪئنال قائم ڪري چولستان جي وارياسي غيرآباد هزارين ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ جي منصوبي تحت سنڌ جي لکين ايڪڙ آبادي واري زرعي زمين کي بنجر بڻائي هميشه لاءِ پاڻي جي فراهمي کان محروم رکڻ جو سنڌ دشمن منصوبو ٺاهيو ويو آهي، سنڌو درياءَ تي 1991ع جي ٺاھه تحت ڪوٽڙي بئراج ۾ لازمي 10 ملين پاڻي لازمي ڇڏڻ گهرجي ته جيئن سمنڊ جي چڙهائي کي روڪي آبادي واري زرعي زمين کي بنجر ٿيڻ کان بچائي سگهجي، ڪوٽڙي بئراج جي ڊائون اسٽريم کان اڳ 35 سيڪڙو پاڻي هجڻ بجاءِ تمام هيٺين سطح تي پاڻي هجڻ ڪري ڪوٽڙي بئراج ۾ زيرو پاڻي جي سطح ٿي وئي آهي، جنهن سان سامونڊي پٽي ۾ سمنڊ جي چاڙھه جي ڪري لکين ماڻهو پنهنجي علائقن ڳوٺن وسندين کان محروم ٿي پنهنجا گهر گهاٽ زرعي زمينون ڇڏي پنهنجو پاڻ بچائي پنهنجا ٻار ٻچا وٺي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن اهڙي صورتحال چند سالن ۾ تمام گهڻي خطرناڪ بڻجي سگهي ٿي جنهن سان سامونڊي پٽي وارن علائقن سان گڏ سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي ، بدين ، سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان کان به اڳتي سامونڊي لهرون ڇائنجي سگهجن ٿيون. سنڌ مان چونڊيل ايم اين ايز ، ايم پي ايز اڃان تائين سنڌ اسيمبلي جي قرارداد تائين پاڻ کي محدود رکيو آهي ٻي طرف سنڌو تي پاڻي جي ڌاڙي سان نوان ڪئنال ٺهڻ جو ڪم جاري آهي، جيئي سنڌ قومي پارٽي سنڌ جي عوامي شعور ۽ عوامي جدوجهد کي منظم ڪرڻ لاءِ عيدالفطر کانپوءِ سنڌ جي اندر پهرين مرحلي ۾ پنجاب ڏانهن ويندڙ روڊن رستن کي بند ڪرڻ لاءِ 8 اپريل بروز اڱاري واري ڏينهن صبح 11هين وڳي مورو باءِ پاس تي تاريخي ڌرڻو لڳايو ويندو ، جنهن ۾ سڄي سنڌ جي سياسي سماجي قومپرست حلقن جي ڀرپور شرڪت سان گڏ سنڌ جي عوام کي شرڪت جي اپيل ڪجي ٿي جنهن جي بعد وري سنڌو تي پاڻي جي لڳل ڌاڙي خلاف مرحليوار پنجاب ڏيندڙ روڊ رستا بند ڪيا ويندا .