اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته جيئن جيئن وقت گذري پيو، ڀارتي حملي /ڏسو صفحو 7 بقايا 36

جا خطرا وڌي رهيا آهن، ڀارت جهڙي به ڪارروائي ڪندو، اُن کان وڌيڪ زوردار جواب ڏنو ويندو، پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته دوست ملڪ ۽ خطي جون وڏيون طاقتون ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، دوست ملڪ چاهين ٿا ته جنگي صورتحال پيدا نه ٿئي، دعا آهي ته اُنهن ملڪن جي ڪوششن سان ڀارت کي عقل اچي وڃي، هن چيو ته ڪنهن کي ڪوبه شڪ نه هجڻ گهرجي، ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو، وزيراعظم شهباز شريف واضح چيو هو ته پهلگام واقعي جي عالمي جاچ ڪرائي وڃي، وزيراعظم جي مطالبي جو ڀارت پاران جواب نه ڏيڻ جو مطلب دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، وفاقي وزير چيو ته ڀارتي حڪومت خاص طور تي بي جي پي، کي جڏهن به ووٽن جي ضرورت  هوندي آهي ته پاڪستان کي ڪنهن نه ڪنهن مسئلي ۾ شامل ڪندو آهي. خواجه آصف چيو ته اسان طرفان جنگ جي شروعات نه ٿيندي، پر جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته اسان ڀرپور ۽ سخت جواب ڏينداسين. ڀارت جي طاقت کان به وڌيڪ طاقت سان جواب ڏنو ويندو.