ملير(رپورٽر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڪئنالن واري مسئلي تي پارٽي جي جيئمسٽ ڪائونسل جو اجلاس سڀاڻي 6 اپريل تي رتيديري ۾ سڏائي ورتو، ان ڏس ۾ جاري ڪيل بيان موجب جسقم چيئرمين چيو ته  سنڌو درياءَ سنڌ جي زندگي ۽ تهذيب آهي، پنجاب حڪومت سنڌو تي ڪئنال ٺاهي سنڌ جي زندگي ۽ تهذيب کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي، ست ڪروڙ سنڌي ڪنهن به صورت ۾ سنڌو مٿان ڪو به ڪئنال ۽ ڊيم قبول نه ڪندا، هن چيو ته ڪئنالن جي مسئلي تي 7 اپريل تي شهيد بشير خان قريشي جي 13 ورسي جي موقعي تي ٿيندڙ جلسي ۾ اهم اعلان ڪيو ويندو.