هيملٽن (اسپورٽس نيوز) انگلش بيٽسمين جو روٽ پاڪستان جي اڳوڻي ليجنڊ بيٽسمين جاويد ميانداد جو رڪارڊ ٽوڙي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ نئين تاريخ لکي ڇڏي. انگلينڊ جي ليجنڊ بيٽسمين جو روٽ نيوزيلينڊ خلاف سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ رنسون ٺاهڻ جو جاويد ميانداد جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. هن اهو ڪارنامو اڱاري ڏينهن نيوزيلينڊ خلاف ٽئين ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن سرانجام ڏنو. جو روٽ نيوزيلينڊ خلاف 40 اننگز ۾ 1925 رنسون اسڪور ڪري چڪو آهي، ان کان اڳ جاويد ميانداد نيوزيلينڊ خلاف 1919 رنسون ٺاهي سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ اسڪورر هو. جو روٽ ڀارت خلاف 2846، پاڪستان خلاف 2911 ۽ بنگلاديش خلاف 1816 سان گڏ سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ رنسون اسڪور ڪندڙ رانديگر پڻ آهي.