جوھي ( ن پ ا ) جوھي بس اسٽاپ جي سرڪاري پلاٽ تي مبينا قبضو ٿي ويو، جڏهن ته  روينيو ريڪارڊ ۾ ھيرا ڦيري جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس م جوھي شھر م مختلف  سرڪاري ادارن آبپاشي روينيو ۽ سازدا جي  قيمتي پلاٽن تي قبضي بعد ھان عوامي استعمال واري بس اسٽاپ جوھي جي ايراضي تي قبضو ڪيو ويو آھي. بس اسٽاپ جي مختلف پاسن کان 68 گھنٽا ايراضي جو روينيو ريڪارڊ مينيج ڪيو ويو آھي . ڪمشنر حيدرآباد جي حڪم تي ڊپٽي ڪمشنر دادو 9  مئي۔  2025 تي ليٽر نمبر  178 ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرس ۽ چئن تعلقن جي  مختيارڪارن کي ليٽر لکي سختي سان ھدايت ڪئي ته سرڪاري ايراضي جي داخلا  ن. رکي وڃي ۽ قبضا فوري ختم ڪيا وڃن اھڙي ليٽر جي 18 ڏينھن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر دادو ون مٿين ليٽر جي حڪم جي ابتڙ  دادو جوھي روڊ سان بس اسٽاپ واري علائقي جي قيمتي پلاٽ مان 68 گھنٽ. جي ايراضي داخل رکڻ جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آھي . روينيو ذريعن موجب جوھي ۾ ان سرڪاري پلاٽ جي قبضي کان اڳ به آبپاشي سب ڊويزن جوھي،  سب ڊويزن گاج جي بنگلي جي ايراضي سازدا جي قيمتي سرڪاري زمين تي قبضا ڪري شاپنگ سينٽر رھائشي  اسڪيمون جوڙيون ويون. ان جي رپورٽ به روينيو اختيارين وٽ پيل ھئي ته مٿان وري بس اسٽاپ جي پلاٽ تي قبضي جا ڪاغذ ٺھرايا ويا آھن . ھوڏانھن سوشل ميڊيا تي بس اسٽاپ تي قبضي واري خبر باھ جيان پکڙجي ويئي آهي. شھرين قربان کوکر غلام قادر لغاري ۽ ٻين لکيو آهي ته شھري ملڪيتن تي قبضو ٿيڻ جي سخت مزاحمت ڪنداسين . ھوڏانھن مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر دادو ون سان رابطو ڪرڻ تي سندن نمبر بند مليا آفيس مان معلوم ٿيو ته کيرٿر جبل ۾ گئس ڪمپني ۾سروي لاءِ ويل آھن.