‘جوڳي’: خانه بدوشن جي درد جو مصور

0
34
‘جوڳي’: خانه بدوشن جي درد جو مصور

هُو جنهن جو رنگ ارونڌتي راءِ جي عظيم تخليق “هيڻن جو الله” جي نائڪ وليوٿا جھڙو سانورو آھي، پر اندر امرتا پريتم جي مقبول تصنيف “هڪ اُداس ڇوڪِري” جي نائڪه، انيتا جھڙو اَڇو ۽ اُجرو آھي. دُنيا جي وڏن وڏن اديبن جا اُٺ ڪتابن جا پڙھيل اهو ٿر جو ليکاري عبدالواحد آريسر جو عاشق آھي. هن جي اندر ۾ آريسر مينهن وسندي مور وانگي براجمان آھي. وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندڙ اهو وڏي قد وارو قداور ليکڪ سنڌ جي قديم تهذيب نوَ سئو هٽن واري شهر نُھٽي جي ننگ مُقيم ڪنڀار جو اُھو موڀي پُٽ آھي، جنهن جو ڇَٺيءَ جو نالو ته خالد آھي، پر فقير مُقيم کيس فلاسافر جوڳيئڙو چوندو هو، ان ڪري هُو اڄُ به پاڻ کي جوڳي سڏائي ٿو. جوڳي هميشه روڳي ٿيندا آھن. روڳ رڳو بيماريءَ جو ناهي هوندو، پر روڳ مُحبت به ٿيندي آھي ته جوڳ ۽ ڀوڳ جو به روڳ هوندو آھي. جوڳ ڪَٽڻ ڏاڍو ڏُکيو هوندو آھي. ڦوڳسيءَ جھڙو اهو فلسفي جوڳيئڙو ادب جوڳ ڪمائيندي جڏھن گوتم ٻُڌ جي گيان ۾ ڌيان ڌري ٿو، جڏھن ڪبير جي دُوهن مان گُوها وٺي، تصوف جي ترائيءَ ۾ تري ٿو، جڏھن گرو رجنيش اوشوءَ جي فلسفهء حيات کي هينئين سان هنڊائي ٿو، جڏھن سچ جي ساٿي سقراط جي زهر ۾ امرتا ڳولي ٿو ۽ درياءَ جي ديس جي پوڙھي سان پيار ڪندڙ جوانين جي عشق کي پنهنجي فلسفي ۾ فٽ ڪري ٿو، تڏھن سنڌي ساهتيه جي سڀاڳي جهوليءَ ۾ “گودڙي” جھڙو ادب رتن جرڪندي نظر اچي ٿو. هُو درد جي دارونءَ جو هيراڪ آھي، ان ڪري هُو درد کي زندگيءَ جو ڳُجهه ۽ سنگتراش سڏي ٿو. هُو خود درد جي تِکي ڇيڻيءَ سان تراشيل هڪڙو هيرو آھي. هُن حياتيءَ ۾ جيترا درد ڏِٺا ۽ سَٺا آھن، ايترا سندس مٿي تي وار ئي ناهن. هُن پنهنجي پوڙھي پيءَ کي ديويءَ جي ڇانوَ ۾ مِٽيءَ جا پڪا رَڇ پيٽ لئه وڪڻندي ڏٺو هو ته ٻچڙن کي تعليم ڏيارڻ واري اُلڪي ۾ اکيون پُرنم ڪندي پڻ ڏٺو هو. هُو نِهائين کان نينهن سکيل اهو ڪنڀارڪو ٻار آھي، جنهن وٽ ڪَلا جي جَلا اڄُ به چويهه قيراط سون وانگي هر دم چمڪندي نظر اچي ٿي. هُو جڏھن به خيالن جي خام مٽيءَ مان ڪو چاڻو کڻي پنهنجي ڏات جي چَڪَ تي چاڙھي ٿو، تڏھن مهاڙيئي جي ڪوري گگر جهڙو ڪو خوبصورت ڪالم يا مضمون ڪاغذ جي ڪينواس تي نوَ لکي هار سان سورنهن سينگار ڪندڙ ڪنهن راجسٿاني نار وانگي روپجي پوي ٿو! هُو رڳو گودڙيءَ جي گيان واري ڌيان مان مليل رنگ تي دنگ نٿو ڪري، پر ويهڻ ويهه سمجهي وري به جوڳ جي روڳ ۾ مُبتلا ٿي اُنهن خيمن جي خُدائيءَ ڏي رُخ ڪري ٿو، جن ۾ ڏينهن ڏُکيا ۽ راتيون رنگين هُونديون آھن. انهن خيمن ۾ رهندڙ خانه بدوشن جي ڪُل پُونجي چار رليون، ٻه ٻڪريون ۽ ٻن دِلن کان مٿي ٻيو ڪُجهه آھي ته انساني جسم آھي، جنهن کي چينئن تي چاڙھي هن بي رحم دُنيا ۾ جيئندا ۽ پيئندا آھن! جن خيمن ۾ جواڻ نارين جا چانديءَ جهڙا چَم پيٽ خاطر پراين غليظ هٿن ۾ ڪارا ۽ ڪوجها ٿيندا آھن. جن خيمن ۾ آرٽ سان عشق ڪندڙ اُھي قبيلا رهندا آھن، جيڪي بي قدريءَ جي بازار ۾ لاچار ٿي ڪلا کي ڇڏي جسم فروشيءَ جي جهان کان وٺي پِنڻ واري پيشي ۾ لڳي ويا آھن. اُنهن جي نٽ کٽ نارين وٽ اڄُ به ڪام ۽ لام وانگي لچڪندڙ چيلهه سان چهبڪ هڻڻ واري ڪبوتري چال گهڻي ڳالهه آھي. اُنهن خانه بدوش قبيلن جا ڪرتُوت ۽ ڪرب لکندي هي جنهن پُرسوز پيڙا مان پار ٿئي ٿو، اُن اذيت جو احساس هڪڙو خود خالد کي آھي، ٻيو خُدا کي. پاڻ ته هن جا ليک پڙھي اکيون پُرنم ڪري ويهون ٿا.  خالد ڪنڀار جي قلم مان ڪِيهون ڪري نڪرندڙ ان درد کي محسوس ڪرڻ چاهيو ٿا ته پڙھو “جهنگ جا ماڻهو” ۽ “خانه بدوش قبيلا”. انهن ٻنهي ڪتابن جي ورق ورق ۾ دراوڙن جو درد ريهون ڪندي نظر اچي ٿو. “خانه بدوش قبيلا” ته هڪڙو خوبصورت ناول ٿي پئي سگهيو. هن ڪتاب ۾ وڏو ڪهاڻي- پڻو موجود آھي. هر مضمون ناول جو هڪڙو نئون باب لڳي ٿو. هُو گُرگلن جون گهائي وجهندڙ ڳالهيون لکندي اهو لکي ٿو ته، “گُرگلا چون ٿا ته وس وارا رڳو اسان کي رهڻ لاءِ پلاٽ ڏين ته ٻيو ڪُجهه گُهرون ئي ڪونه ٿا، پر وس وارا اهو به نٿا ڏين”. ان هڪڙي پيرا ۾ ڪيڏي نه انساني پيڙا جهلڪي ٿي. انسان کي رهڻ لئه خدا جي زمين نٿي ڏني وڃي. پالڻ پور مان دربدر ٿي سنڌ جي کاهيءَ ۾ پهتل مدارين عرف مڇلن تي لکندي قلم کي رت ٿُوڪارڻ تي مجبور ڪري ٿو. کاهي، جنهن کي عشق جي ڦاهيءَ چيو ويندو هو، اهو هاڻي درد جي ڦاهي بڻجي چُڪو آھي. ھُو ان درد جي ڦاهيءَ ۾ موجود کارن کٻڙن ۾ ٺهيل ڪچين جُهڳين ۾ وڃي ڪنهن جُهور پوڙھيءَ کان مڇلين جا احوال پُڇي ٿو ته اُھا وقت جي وڏي رڙ ڪندي چوي ٿي ته، “اسان کي ڪوبه نٿو کارائي، اسان پنهنجو هڏُ هلائي جسم وڪڻي کائون ٿا. اسان ته پنهنجيءَ عُمر ۾ ڪڏھن به پنهنجي هن ويڙھي ۾ ڄڃ ايندي ڪانه ڏٺي. نه بينڊ نه باجا، ڪهڙيون رسمون ڪهڙا رواج؟” ان کان مٿي به ڪا درد جي تصوير ٿيندي آھي؟ جنهن ۾ انسان پيٽ جي دوزخ ڀرڻ لاءِ پنهنجن نياڻين جا ننگ وڪڻڻ تي مجبور هُجي، پوءِ به پيٽ ڀري کائڻ لئه به نه ملي. درد جي اها تصوير ڪشي خالد ڪنڀار ڪئي آھي. هُو جنڊاوڙن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، “جنڊاوڙي جي گهر ۾ جي جنڊ نه هوندو ته ننڊ به نه ايندي”. هُو وڌيڪ لکي ٿو ته، “اڄ ڪلهه هنن جي جُهڳين ۾ راتيون بُک تي ڪٽجن ٿيون، بُخار ۾ مرندڙ ٻارن لاءِ ٽِڪي وٺڻ به ڏُکي آھي. هنن جا ٻار شهر ۾ پنن ٿا. ڪجهه جنڊاوڙ گَتا ميڙين ٿا. شام جو مُرغيءَ جي اڏيءَ تان فارمي ڪڪڙين جا پاوا ۽ مُنڍيون خريد ڪري اچن ٿا. “پاوا ۽ مُنڍيون ڪُتين ۽ ٻلين کي ته اُڇلين ٿا ته پر اسان کي پئسن سان به نٿا ڏين.” پيٽ لاءِ پانپرا ڪندڙ انهن جنڊاوڙن جي درد کي جنهن رنگ ۽ ڍنگ سان خالد ڪنڀار پئنٽ ڪيو آھي، اهو واقعي ساراهه جوڳو آھي! ساراهه جوڳيون ته اُھي سِٽون به آھن، جيڪي هن منڇي شڪاريءَ جي خاڪي ۾ سنڌ جي مالڪيءَ واري سوال تي ڪيڏيون نه خوبصورتيءَ سان چِٽيون آھن ته، “اڃا تائين انهيءَ سنڌ جي ڌڻيپ پيو ڪري! اُھا سنڌ، جنهن ۾ هو نسلن کان بي وطن ۽ بي گهر بڻيل آھي. هن کان ته سنڌ پنهنجو قبيلو ئي کسي ورتو هو.“ توڙي جو هُو هن وقت وڏي گاڏيءَ جي ويڪري سيٽ تي ويهي سموري سنڌ گُهمي ٿو. سکر ۾ رهي پنهنجي زندگيءَ جا سکر سي ئي ڏينهن گهاري ٿو، پر هن جو رولاڪ رُوح اڄ به خانه بدوشن جي خيمن ۾ ڀٽڪي ٿو! هُن جي ننڊ ۾ به ڪبوترين جون ڪام جھڙيون چيلهڙيون ڪَر موڙين ٿيون، ته جاڳ ۾ جوڳين جُون مُرليون ڀاڳ بڻجن ٿيون. ھُو ڪبوترين جو ذڪر ڪندي اها سِٽ لکي ٿو ته، “ڪبوترين جُون دليون مُحبتن جا قبرستان آھن”. هن جي خوابن ۾ به گُرگلين جي ڳالهين جي کٿوري کلي ٿي. هن جي ڪچهرين جو موضوع ڪُوچڙيون ۽ ڪڃر ٿين ٿا. هُن کي بابُو بيکارين جي بگرين جي بُوءَ گُلاب سمان گيسوئن وانگي وڻي ٿي ۽ هُو چقمق جيان ڇڪجي انهن جي کٿيرن خيمن جي خدائيءَ ۾ گوڏو گڏي ويهي ٿو! هُو مهانگا سگريٽ پيئندي “سستن” ماڻهن تي املهه ليک لکي ٿو! موبائيل فون جي اسڪرين تائين محدود ٿي ويل مصروف زمانه ماڻهن کي خالد ڪنڀار “جهنگ جي ماڻهن” سان ملايو آھي. جهنگ جي ماڻهن سان ملائيندي اها ڄاڻ ڏني آھي ته راڳي، پاڳي، پارکو، ناڙي ويد ۽ نياءَ ڪاري ڪندڙن جي دُنيا ڪيڏي نه خوبصورت آھي، جنهن ۾ اُٺ آھن. نانگ بلائون آھن. شڪار آھن. پکي پکڻ آھن. ڳل آھن. ڳهه آھن. ڪولهي آھن، ڪاترون آھن. جهنگ جي ماڻهن جو به هڪڙو شاندار ڪلچر آھي. ڏينهون ڏينهن تمدن ۾ تبديل ٿيندڙ تهذيبن کي رولاڪ ماڻهن جي دُنيا جو دُور درشن ڪرائيندي پنهنجي تازي تصنيف “خانه بدوش قبيلا” ۾ اُنهن ماڻهن جي منظر ڪشي ڪئي آھي، جيڪي ماڻهو هن چَنڊُ تي پهتل دُنيا ۾ اڄُ به ماني ڳڀي لاءِ دربدر آھن. خانه بدوشن جي خوبصورت دنيا ۾ خالد اسان کي تيرنهن تالين سان به ملائي ٿو. اُھي تيرنهن تاليون، جن جي ناچ جي لئه اڄ به پنجاب جي ڌرتيءَ جي دل ڌڙڪي ٿي. اِڪيءَ تي انگ لوڏي موسيقيءَ جي تيرنهن تالن تي نرت ڪندڙ اُنهن نارين جي نرتيه ڪلا جي ڪمال تي خالد انتهائي خوبصورت نموني لکيو آھي. ڪڃرين جي نَٽ کَٽ قبيلي ۽ اُن جي روپ ناچ جي موهي ماريندڙ حُسن تي به بهترين لکيو آھي. جنهن مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته پنجاب جي شير راجا رڻجيت سنگهه جي محبوبه موران پڻ ڪڃري هُئي. جنهن جي نالي سان رڻجيت سنگهه نه رڳو ڪڃري واري پُل تعمير ڪرائي هُئي، پر موران سرڪار نالي سِڪو به جاري ڪيو هو. هن ئي قبيلي جي هڪ ڀاڄُوڙي نالي ڪڃري گُجر بادشاھ کي گهائڻ سارون روپ ناچ ڪندي مري ويئي هُئي. انهن ئي ڪڃرن مهاراڻي پرتاب سنگهه سان توڙ تائين نڀايو هو. خالد کي پڙھڻ کانپوءِ توهان کي خبر پوندي ته راوڙا اصل ۾ راڌڻ پور جا آھن، انهن جو ڪم ٻارن جا رانديڪا ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ آھي. ٻڙھا به اصل ۾ اوڀر جي رجواڙن چهوٽڻ، ٻاھڙمير ۽ پالڻ پور جا آھن، انهن جي ڪرت به رانديڪا ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ آھي. اهو اسان کي خالد ئي ٻُڌائي ٿو ته لوهارين کي ڪاريا به چوندا آھن ته گاڏوليا به چوندا آھن. اهي اصل ۾ راجپوت آھن ۽ مهاراڻي پرتاب سنگهه جي دربدري وقت پاڻ کي دربدر ڪيائون ۽ اڄ ڏينهن تائين چلهه مٽائيندي اهو پرڻ پاريندا اچن. ان کانسواءِ ڪُوچڙن جي باري ۾ به اها ڄاڻ پهريون ڀيرو اسان تائين خالد ڪنڀار ئي پهچائي آھي ته ڪوچڙا فارسيءَ جي لفظ ڪوچ مان آيل آھي، جنهن جي معنيٰ آھي لاڏائو. ڪوچڙا لقب انهن کي پهريون ڀيرو ڪلهوڙن جي دور ۾ مليو هو. هن قبيلي جي ڪرت چوري ڪرڻ آھي. خالد جو اهو ڪتاب پڙھي اها به خبر پئي ته رڳو سوڍا راڻا ڏيولوڪ ٿي ويل ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي وئنڪوٽي ناهن ڪڍندا پر دنيا جا هي مڃيل چور ڪُوچڙا پڻ هر مري ويل ماڻهوءَ جي وئنڪوٽي ڪڍندا آھن. انهيءَ کانسواءِ ان ڳالهه جو پڻ پتو پيو ته گُرگلن جا پويان پيرا به سرحد جي هُن پار جي رجواڙن جي ڌڻين ۾ وڃي کُٽن ٿا. هُو جيڪو هر وقت مُٺ تي سگريٽ رکي سوچي ٿو اُنهن ماڻهن جي لاءِ، جن لاءِ ڪير به نٿو سوچي. هُو لکي ٿو اُنهن جهنگ جي ماڻهن لاءِ، جيڪي ماڻهن کان مُڪمل وسري ويا آھن، يا ڄاڻي واڻي وساريا ويا آھن. هن جي لکڻين ۾ اُھي ماڻهو ملن ٿا، جيڪي ماڻهن هٿان تذليل جو شڪار ٿي هن سنسار ۾ نسل در نسل دربدر ٿيندا رهيا آھن. جن کي دربدر ڪرڻ ۾ معبود کان وڌيڪ عبد جو هٿ آھي. جن جي دربدريءَ ۾ به هڪڙي وڏي شاهوڪار تهذيب تڙپي ٿي، ۽ اُن تڙپندڙ تهذيب ۽ ڪيهون ڪندڙ ڪلچر کي اڄُ ڪلهه جو تهذيب يافته انسان ڪَتي رکال به نٿو پُڇي، پر خالد ڪنڀار جهڙو ڪو جوڳي ٿي انهن سان گڏ جيئي ٿو ۽ انهن جي ڏُکن ۽ تڪليفن جي تاريخ کي تراشي ٿو. تڏھن خيمن ۾ رهندڙ بي خُدا دُنيا جا اڻ پڙھيل انسان مُرڪندي نظر اچن ٿا ۽ اُھا مُرڪ خالد ڪنڀار جو قد مها راجا رڻجيت سنگهه کان به گهڻو وڌائي ٿي! ڇاڪاڻ ته هن وٽ تلوار نه پر قلم آھي. اهڙو قلم، جنهن جي نوڪ مان اهو لوڪ لَکا ڏئي ٿو. جنهن لوڪ جون اُڏندي آڙيءَ ۽ تازي تاڙيءَ جهڙيون ڇوڪريون هر راھ ويندڙ کي پنهنجي ڪام جهڙي چيلهه جي دام ۾ ڦاسائي وجهن ٿيون! توهان خانه بدوش قبيلا پڙھندؤ تڏھن توهان کي خبر پوندي ته ڪبوتريون ڇا آھن؟ ڪيجا ڇا آھن؟ پيڙا ڇا کي چوندا آھن؟ پيڙڪيون ڪيئن ۽ ڪير رکندا آھن؟ ناري جي نوابن کي پنهنجي جوانيءَ جي ڄار ۾ ڦاسائي راتڙيون روشن ڪير ڪندو هو؟ ان ئي ڪتاب مان اوهان کي اها به معلومات ملندي ته پنجاب جو مشهور مهاراجا رڻجيت سنگهه رولاڪ قبيلي سانسيءَ سان تعلق رکندو هو. توهان گهرائيءَ سان هن ڪتاب جو مطالعو ڪندا ته توهان کي اها به خبر پوندي ته ٻڙھن ۾ جڻيو پارائڻ ايترو ئي لازمي آھي، جيترو مسلمان لاءِ سُنت طهر ڪرائڻ. سڄي جڳ ۾ ڇوڪريون پرڻجي ساهورين  وينديون آھن، پر ٻڙھن ۾ وري ڇوڪرا پرڻجي اباڻو گهر ڇڏي وڃي ساهورن ۾ رهندا آھن. هي ڪتاب اوهان کي رُدالين جي رڻ ٿيل اکين ۾ لڪل درد جا پاڇا به پاڻ پڙھائيندو ته منڇي شڪاريءَ جي مَن سمندر ۾ سنڌ جي ڌڻيپ لاءِ هردم اُٿندڙ طوفان جو شور به ٻُڌائيندو.