ھو وڏو ڏاھو ۽ موڊي ماڻھو آھي. اسان ھڪ ٻي جا دوست يا دشمن ته ناھيون پر ڪاليج ڪليگ رھيا آھيون. ھن جو سبجيڪٽ سنڌي ۽ منھنجو علم سياسيات آھي. ٻنھي جو مزاج ڇاھي؟ ڊگريون بدلائجن ته سمجھي وٺبو. ھن تحقيق ڪري ٿيسز لکي ۽ مان مڙئي اڇي ڪاغذ تي ليڪا پائيندڙ ليکڪ آھيان. ھو سينيئر آھي ۽ آئون اڃان جونيئر ئي ناھيان ٿيو. ھڪ دفعي اسٽاف روم ۾ ڪچھري ڪندي چيومانس: مان توھان تي لکڻ گھران ٿو. چيائين: ڀلي پر اڳ ۾ مون کي ڏيکارجانءِ. مضمون پڙھايو مانس، ڪجھ ڪاٽ ڪوٽ ڪيائين. ٻيھر لکيم. چيائين: اڃان مطمئن ناھيان. ٽيھر تحرير ڪيم، پوءِ به بي دلو آمادہ ٿيو. پريس آڏو آئون اھم نه ھئس يا ھن جي انتھائي اھميت ھئي، ليک ڇپيو ئي نه. ھڪ دفعي ٽوڪيائين تہ اخبارن ۾ لکين ته ٿو پر سيکڙاٽ لکاري آھين. چيومانس: ڪچو ليکڪ، علمي آڙاھ ۽ ادبي بٺيءَ ۾ پچي راس ٿئي ته پڪو لکي نه سائين. ھڪ دوست حيدرآباد کان مون ڏي ڪجھ ڪتاب موڪليا، مان موڪل تي ھئس. ھن صاحب وصول ڪيا. بعد ۾ ڪتابن بابت پڇيومانس. چيائين: گھر کڻي ويس، سرسري طور ڏسي واپس ڪندس. اھي اڄ تائين ان وٽ آھن ۽ آئون اڃان ڏسڻ لاءِ سڪان پيو. رٽائرمينٽ وقت ٽيچنگ اسٽاف سندس الوداعي پارٽي جي تياري ۾ سستي پئي ڪئي، مونکي چيائين ته الائي ڇا ارادو اٿن، تون ڪا ھمت ڪر يار. مون ڪجھ دوستن سان گڏجي سموري عملي جي مالي تعاون سان انتظام ڪيو ۽ پر وقار نموني کيس خيرن سان رخصت ڪيو سون.
* اسان جي شھر جو ھڪ مسٽر ڊاڪٽر آھي، ڪلينڪ کولڻ شرط مشھور ٿي ويو، ادبي ذوق ۽ سوشل ورڪ جو شوق اٿس. ھڪ ڏينھن وٽس طبيعت ڏيکارڻ ويس. چيائين: “ادا ٽائيم ڪڍي اوھان جون لکڻيون پڙھندو آھيان”. اڪثر علمي ادبي تقريبن ۾ ڏسبو ھو. ائين اسان ٻئي پنھنجن فنڪشنن ۾ ھڪ ٻي کي سڏيندا رھيا سون. دوستي ته نه صرف سلام دعا ھئي. ترقي ڪري سول سرجن ٿيو، غريب آباد ۾ اسپتال ۽ رھائش لاءِ ٽي ماڙ عمارت ٺھرايائين. ڪاليج کان واپسي تي ٻيھر معائني لاءِ سول اسپتال وڃڻو پيو، خاص رخ نه ڏنائين، بيٺي پير ميڊيسنس تي مشورو ڪرڻو ھو. چيائين: شام جو پرائيويٽ اسپتال اچجو. سوچيم، سندس نه پر قصور سرڪاري ڪرسي جو آھي. ٿوري مايوسي ٿي، وٽس وڃڻ بند ڪري ڇڏيم. ساڳي محلي جا رھواسي ھجڻ باوجود اڄ بہ ڄڻ اوپرا آھيون.
* ھو گھڻو اڳ مون سان گڏ اسڪول ۾ استاد ھو، ھڪ ھيڊ ماستر جو منظور نظر ھوندو ھو. پوءِ آئون ميرپور خاص ۽ ٽنڊو جان محمد ڪاليج ۾ پنج سال ليڪچرار ٿي رھيس، بعد ۾ اتفاق سان ھن جي پوسٽنگ پڻ ميرپور خاص جي اسپيشل ايجوڪيشن اسڪول ۾ بحيثيت آفيسر ٿي. سٺي سڀاءُ سبب منھنجا ته اڳ ۾ ئي اتي جا مقامي سٺا ساٿي ڪافي ھئا پر ٻين ھنڌن تي ڳوٺائي ھڪ ٻي کي ڳولي لھندا آھن. مان به سيٽلائيٽ ٽائون ۾ وڪيل ۽ لکاري يوسف لغاري کان مسواڙ تي ورتل سندس آفيس وڃي ساڻس مليس. آئون اتي جيئن ته ان کان اول ئي رھيل ھئس، سو ھن ڄڻ مون کي ميزبان ۽ پاڻ کي مھمان ٿي ڀانيو. کيس ڪاليجي شاگردن جي لڳل ٽوئر تي بس ۾ ميلي جي موقعي تي ڀٽائيءَ جي درگاھ تي ساڻ وٺي ويس، کيس سمن سرڪار جو ميلو به گھمايم، نئون ڪوٽ ۽ عمرڪوٽ جا قلعا به ڏيکاريا. ھن بس اھو ڪيو جو جھڏو/ڊگھڙي ۾ خاص قبيلي جي ھڪ اجتماع ۾ مون کي وٺي ويو، جتي مزو ان لاءِ نه آيو جو سوچيم تہ جيڪڏھن ھر ذات پات پنھنجي جدا جماعت جوڙي ته پوءِ سنڌي قوم جي ايڪتا لاءِ خير گھرڻ گھرجي. جڏھن بدلي ٿيو ته حجت طور فرمائش ڪري وڳي لاءِ مون کان پنھنجي پسند جو ڪپڙو خريد ڪرايائين. نيڪي ڪري ڪنھن کان صلي جي اميد ته نه رکڻ کپي پر جڏھن ھڪڙو شخصياتي ڪتابچو ڇپرايائين ته ان ۾ گمنام ماڻھن لاءِ صفحن جا صفحا ڪارا ٿيل ھئا ۽ مون لاءِ ھيون صرف ست سٽون، جيڪي به تعريف بدران طنزيہ وڌيڪ لڳيون. وري به جس ھجيس وساريو ته نه اٿائين. ڀائرن ھٿان اھڙا ڀوڳ مون سان جوڪ در جوق ٿيندا رھيا آھن.
* ھڪڙا ٻه شاگرد ڊاڪٽر آھن، وڏي وقت بعد ھڪڙي کان ڪن کولرائڻ لاءِ سندس اسپتال ويس، ھن ڄاڻي ٻجھي مون کي نه سڃاتو، نسخو لکيائين، چپ چپائتي فيس ڏئي ھليو آيس. ھن مون سان ايئن پيش اچي پنھنجو ظرف ڏيکاريو. اھو شايد درست ھو ڇو جو مريض ته مريض ھوندو آھي پوءِ کڻي خاص ھجي يا عام. نه سلام ڪيائين، نه دعا ورتائين. صبر ڪيم، اتي بس ڀٽائيءَ ياد آيو ته … چڱا ڪن چڱايون مدايون مدن… ھڪ ٻيو ڊاڪٽر خانگي ڪلينڪ ۾ اٿي بيھي ادب سان ملندو ھو پر سرڪاري نوڪري مليس ۽ ھيلٿ آفيسر ٿيو ته ڄڻ پکيءَ کي پر نڪري آيا. ھڪ دفعي معمولي ڪم لاءِ فون ڪئي مانس. اڻ ڄاتلن جيان پڇيائين: ڪھڙو استاد. تعارف ڪرايو، مان نه ٿو سڃاڻان. سندس ويسر ڏسي سوچيم: سيٽ انسان کي سيٽائي ٿي ڇڏي. مون به بعد ۾ مٿس چڱا ڇوھ ڇنڊيا پر ڪڇيو ئي ڪونه.
* مون ھڪ اين جي او پئي ٺاھي. ھو ھڪڙي پاڙيسري سان مون وٽ آيو. گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ دلچسپي ڏيکاريائين. رجسٽريشن لاءِ مون کين سوشل ويلفئير آفيس موڪليو. سرٽيفڪيٽ مليو ته ان ۾ ٻنھي جا نالا ھئا پر منھنجو نه نالو نه نشان. پھرين ته وئي کوھ جي تري ۾. پوءِ مون ٻي تنظيم اتحاد فرينڊز ٺاھي ۽ ان فورم تان اڄ ڪلھ پبلڪ لائبريري ھلي پئي. ھو ليڪچرار ٿي اسان جي اداري ۾ آيو، کيس اسٽاف سيڪريٽري جو اسسٽنٽ ڪيو ويو. پنھنجي رٽائرمينٽ تي مون چيو اجايو ايترا خفا ۽ سرڪار جو نقصان نه ڪريو، صرف چانھ پارٽي ڪرايو. سڀني چيو نہ، ماني! انھن ڏينھن ۾ آئون ڪراچي ھليو ويس. پٺيان منھنجي الوداعي تقريب لاءِ گڏايل چندي تي اسٽاف کي وٺي پروفيسر ايسوسيئيشن جي مرڪزي ميٽنگ ۾ ويگن ڪرائي حيدرآباد ھليو ويو. مون کي ڪا مڃتا، سوکڙي يا سند نه ملي. جڏھن ته مون بحيثيت ڪلچرل سيڪريٽري سموري ايام ڪاري دوران ڪيترن ئي تقريبن، آجياڻن ۽ الوداعي پارٽين جا بندوبست ڪيا. پرنسپال شاگردن لاءِ مٿان مليل بجيٽ جي رقم گوڏي ھيٺان رکي ڇڏيندا ھئا. مون کانئن اھي پيسا وٺي مختلف ڪلاسن جي شاگرد ٻارن کي سنڌ بلوچستان ۽ پاڪستان ليول جا ڪيترائي ٽوئر ڪرايا. ڀلو ڦل مليو ڀلائين جو.
* ھو ڀائو پھريان پرائمري استاد ھو، پوءِ سنڌي جو ليڪچرار ٿيو پر سندس سوچ ۽ ڪم ساڳيا ماستري وارا رھيا. ڪامن روم سيڪريٽري ۽ پرنسپال پڻ رھيو. گڏجاڻين ۾ شعر پڙھڻ مھل بخشڻ جو ڀاءُ لڳندو ھو. (اندر الائي ڇا، ٻاھر ٻولي ٻي). محفلن جو مائيڪ ۽ دعوتن جون ديڳيون ھن جي ھٿن ۾ ھونديون ھيون. فنڪارن کان مائيڪ ڦري چوندو ھو ته بس بابا مھمانن جي ماني پئي ٺري. زميندار ھوندي دل ۽ ھٿ تنگ رھندا ھئس. ھڪ دفعي ڳوٺ ۾ ساڳ- سبزي جي دسترخوان تي پلي پارٽي ڪيائين. مون تہ اداري جون تلخ يادون دماغ مان ڪڍي ڇڏيون آھن پر ھو مون کي وساري ويٺو آھي. سالن پڄاڻان ھن فون ڪئي تہ ادا فلاڻي اميدوار کي ووٽ ڏجانءِ پر پوءِ پٽن جي شادين تي ڪارڊ يا ڪال تہ نه، ميسج بہ نه ڪيائين. دو+دست (ٻه مليل ھٿ) جيڪي اڄ ڪلھ الڳ الڳ آھن. ڳجھ ڳوھ ۾ ڪنھن ڪنھن تي قلمي ھٿيار الاريو اٿم. پنھنجو پاڻ سڃاڻ او پيارا!