بس… هاڻي ڏيو منهن! ايوان صدر ۾ ويٺل پاڪستان جي صدارت جي عهدي تي فائز ڀائي عارف علوي صاحب فرمائي ٿو ته اڊيالا جيل جي سلاخن پٺيان ستل لالا عمران خان اڄ به سندس ليڊر آهي. علوي صاحب چوي ٿو ته: “نواز شريف کي پنهنجو دل گردو وڏو ۽ صاف ڪري عوام، پي ٽي آءِ چيئرمين سميت سڀني کي گڏ کڻي هلڻ کپي. ڀڃ ڊاهه پسند ناهي، اچو ته اڳتي وڌڻ لاءِ رستا کوليون. هن وقت ملڪ کي جوڙڻ جي ضرورت آهي. بلاول ڀٽو زرداري سوڌو سڀئي ان خيال جا آهن ته هر ڪنهن کي ڪامياب ٿيڻ لاءِ برابري جا موقعا ملڻ کپن. مطلب ليول پليئنگ فيلڊ ٿيڻ گهرجي. ان لاءِ صاف شفاف اليڪشن جي بيحد ضرورت آهي. ايندڙ صدر چونڊجڻ تائين موجوده صدر جي سيٽ ڇڏي وڃڻ جي آئين ۾ ڪا به گنجائش موجود ڪانهي. پارلياماني نظام ۾ اهو امڪان رهندو آهي ته حڪومت مدو پوري نه به ڪري سگهي ٿي. هاڻي چونڊن جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي. اها ئي مناسب فيصلو ڏئي سگهي ٿي. باقي مونکي حج تي وڃڻو نه هجي ها ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي ترميمي قانون تي صحي نه ڪريان ها”.
سوچيم فون ڪري نواز شريف کي وطن واپسي جي واڌائي به ڏيان ۽ علوي صاحب جي انهيءَ بيان جو احوال به وٺان.. نمبر ملايم، فورن فون کڻي چيائين: سلام سائين! ڪٿي آهيو؟ توهان لاهور واري جلسي ۾ به نظر نه آيا. چيم: شريف ڀائي ڪروڙن جي هجوم ۾ مان هڪڙو ويچارو صحافي اوهان کي ڪيئن نظر اچان ها؟ بهرحال صدر علوي جي ڏنل انٽرويو تي توهان ڇا ٿا چئو؟ چيائين: “يار، علوي صاحب ته ڄڻ عوام کي مرچائي بوتل پياري ڇڏي آهي. هڪ قيدي ڪنهن ملڪي صدر جو ليڊر! معنيٰ ڪو بادشاهه ڪنهن فقير جو مريد! اڃان مونکي پنهنجو رهنما مڃي ها ته ڳالهه به ٺهي پئي. ڇو ته مان وڏي شان ۽ شوڪت سان پنهنجي ملڪ پاڪستان پهتو آهيان. مختلف ڪورٽن ڪيترن ئي هٿ ٺوڪيل ڪيسن مان با عزت بري ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي جيئن اڳي واري نيب ناهي رهي، تيئن مان به ساڳيو نواز ناهيان رهيو. هاڻي آئون الحمد الله کير جو ڌوتل شريف شخص آھيان. منهنجو فيملي سميت سياسي مستقبل به روشن آهي. علوي عاقل بالغ ۽ وات وڪيل آهي، اهڙو قابل ڪابل قنڌار تائين به مشڪل ملي. جيڪڏهن هو جيل جي خوف کان وزير ۽ مشير نه ٿو ٿيڻ چاهي ته هليو اچي اسان ڏي. آئون به کيس نون ليگ جي متوقع حڪومت ۾ صدر جو اعزاز بخشيندس. بس… ٻيو ڇا کپيس! نهاري پاوا کائيندو آهيان، منهنجو دل گردو مضبوط ۽ سڀني لاءِ صاف آهي. علوي عمران لاءِ چوندو ته ان سان به ڊيل ٿي سگهي ٿي. ڇو ته سياست ۾ ڪا به ڳالهه حرفِ آخر ناهي هوندي. باقي جيستائين سڀ کي گڏ کڻي هلڻ جو سوال آهي ته ان لاءِ معذرت. عرض آهي آئون ته کڻڻ لاءِ تيار آهيان پر ڊاڪٽرن ايڏي ڳري وزن کڻڻ کان سختي سان روڪيو آهي”!
ادا علوي توهان ته 09 مئي واري واقعي کي ننديو پر اوهان ڊينٽسٽ بدران سائڪياٽرسٽ هجو ها ته اوهان ڄاڻو ها ته ڪي انسان تخريبڪاري يا رونشي کي چاهيندا آهن. ٻن ماڻهن جي جهيڙي ۾، ٻن قبيلن جي ويڙهاند ۾، جلسن جلوسن ۽ عوامي هجومن ۾ ڏاڍا خوش ٿيندا آهن. سڀني پڙهندڙن کي به سچ ٻڌائڻ کپي ته اهڙن موقعن تي انهن جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟ ڏکيري يا ايئن جيئن آمريڪا جي صدر بائڊن ۽ اسرائيلي وزير اعظم نيتنياهو کي غزا تي بمباري ٿيندي ڏسي خوشي ٿئي پئي. يار اها ته حد آهي جو تازو روس ۽ چين جنگبندي لاءِ اقوام متحده ۾ قرارداد پيش ڪئي ته آمريڪا ان کي ويٽو ڪري ڇڏيو. شيخ رشيد کان ئي کڻي پڇو. کيس “لُوٽو، مارو، جلائو، گهيرائو” جهڙا لفظ ڪيترا نه وڻندا آهن. عمران خان جي اسلام آباد واري احتجاج دوران هو پنهنجين تقريرن ۾ عوام کي اهڙيون صلاحون ڏيندو هو يا نه؟ ڪي ماڻهو ته چون ٿا ته اهو واقعو انهيءَ جي هشي تي ٿيو هو،
ڪنهن ٻي جي ڀڙڪائڻ تي نه. عمران خان اڄ آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر جهڙي زندگي پيو گذاري اڊيالا جيل اندر ڏاڍي سڪون سان. سڄي زندگي محنت مشقت ڪرڻ کان پوءِ اهو ڪنهن انسان جو حق به ٿئي ٿو. بقول اردو صحافي منصور علي خان: “ميانوالي پنجاب جو پشتو نه ڳالهائيندڙ منهنجو ڪپتان نهايت دلير پٺاڻ جوان نما پوڙهو پٽ آهي، جنهن ملڪ جي مڙني پارٽين جي اڳواڻن کي مڙسيءَ سان منهن ڏنو ۽ هاڻي به کيس نواز شريف جهڙيون رعايتون ۽ سهولتون ڏنيون وڃن ته هو سياست جي ڪرڪيٽ گرائونڊ جي پِچ تي سڀني جون وڪيٽون ڪيرائي کين هر طرح سان ڪلين بولڊ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پر کيس شينهن وانگر پِڃري ۾ واڙي سرڪس شو ڪرايو پيو وڃي! اڳتي وڌڻ لاءِ ٽئي رستا کليل آهن، رڳو چوٿون رستو سيما- سچن مسئلي سبب بند آهي. اميد ته اهو به عنقريب کلي ويندو”.
اهي ته هيون نواز شريف ۽ علوي صاحب جون ڪجهه ڳالهيون. سالڪ سودائي کان سوال ڪيم ته سائين توهان جو ڇا خيال آهي؟ جواب ڏنائين ته عمران خان کي منهنجو هي پيغام پڄايو ته ادا هاڻي تون عمر جي لحاظ کان ٻاهتري ۾ هلين پيو، زندگي جا ڪئين سال ڪرڪيٽ کي ڏنئي، سياست ۾ آئين، وزير اعظم ٿئين، پاڪستان جي ٻين پارٽين پي ڊي ايم ٺاهي توکي اقتدار کان هٽايو، هاڻي تون آهين ۽ قيد جي اڪيلائي. تو تي جيڪي الزام آهن، اهي ته ڪڏهن ڪڏهن عوام کي به ڪوڙا ٿا لڳن پر ڪجي ته ڪجي ڇا؟ اسان جو ته مفت مفيد مشورو اٿئي ته ڇڏي ڏي انهن کي پنهنجي حال تي، جن بي گناهه ذوالفقار علي ڀٽي کي نه بخشيو، سي تو کي ڇا معاف ڪندا. خالق ۽ مالڪ جو ذڪر ڪر، غيبي مدد ايندي، تون آزاد ٿيندين پر ٻاهر ئي رهجانءِ، وري اندر وڃڻ وارا ڪم نه ڪجانءِ!