اخباري خبرن موجب ڳالهين جي حد تائين ته سياسي آسمان تي انڊلٺ (رينبو) چٽي پئي ڏسجي. نواز شريف انگلينڊ کان دبئي رستي پاڪستان پهچي ويو آهي. لنڊن پلان جا طلسمي نتيجا نڪري رهيا آهن. اڳ ۾ کيس پاڪستان پهچي ‘سرينڊر’ ڪرڻ لاءِ عدالت وڃڻو هو پر هاڻي هو اول گهر پهچي آرام ڪندو ۽ پوءِ سياسي صورتحال کي ڏسندو. باقي عدالتي معاملن جي پيروي (فالو اپ) لاءِ هن جا اٽارني اردلي ئي ڪافي آهن. چوڻي آهي ته انصاف ۾ جلدي يا دير ٻئي ظلم برابر آهن! پنهنجي پياري پاڪستان ۾ يا ته ڪيس جوڪ در جوق سالن جا سال هلندا آهن يا وري ڏينهن ۾ فيصلو ٿي ويندو آهي. منهنجو هڪ دوست گفتار ۾ هر هر ورجائيندو آهي: “مان ڇا ڪريان”. وري هڪ ٻئي دوست جو تڪيو ڪلام آهي: “مان ويٺو آهيان”. اهڙي ئي مزيدار ڳالهه اها آهي ته عمران خان عدالت کان اِلرجڪ هو ۽ نواز شريف کي عدالت جو شوق آهي. عوام کي مبارڪون جو انهن جو محبوب رهنما وطن واپس پهچي ويو آهي. هو ٽرائل ڪورٽ ۾ اشتهاري ملزم هو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن کيس نجات ڏئي سندس جِند آجي ڪئي آهي. احتساب عدالت جي حڪم تي ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ڪيسن ۾ سندس ضمانتون ٿيون آهن. رڳو هڪڙي ننڍڙي ڌمڪي ڏنل اٿس ته 24 آڪٽوبر تي عدالتن ۾ نه آيو ته وري وارنٽ جاري ٿي سگهن ٿا.
عمران خان به لڳي ٿو ته اڊيالا جيل ۾ نه پر ڪنهن منصوبا ساز فيڪٽري ۾ رهي ٿو، جو اها ڳالهه ٻڌي هڪ دم چئي ڏنائين: “ڏسندا وڃو اوهان کي نه ٿو لڳي ته اهو سڀ ڪجهه لنڊن پلان جو حصو آهي؟” خير.. انهيءَ نقطي تي ته خود قانوندان به حيران آهن. ماهر قانون هارون رشيد ۽ اڳوڻو اٽارني جنرل انور منصور به ان راءِ جا آهن ته عجب آهي، ايتري ٿوري دير ۾ مڪمل رعايت (رليف)، اول سرينڊر ته ڪري ها!…. پنهنجي مربي ڀاءُ جي دفاع ۾ شهباز شريف چوي ٿو ته ضمانت برادرِ محترم جو حق آهي پر علمِ سياسيات جي استاد جي حيثيت ۾ مان چوندس ته جائز ضمانت اول قانون آهي ۽ پوءِ آئين جي شِق آهي، پوءِ شهري جو بنيادي حق آهي. نواز شريف جي آمد تي نون ليگ وارن نئون ترانو به تيار ڪيو آهي، جنهن جي ٿلهه جا ٻول ڪجهه هن طرح آهن: “نوز شريف هميشه شاد رهي، اور نون ليگ سدا آباد رهي”.
امن امان جي حالتن کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد ۾ 15 هزار کان مٿي پوليس وارا ۽ ٻيا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. تڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي انفارميشن سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته، “رياستي استقبال آهي. اهو ته جلسو ته ٿي ويندو پر شريف برادران چونڊون کٽڻ جو خيال دل ۽ دماغ مان ڪڍي ڇڏين.” تنهن تي مريم نواز ناراضگي جي انداز ۾ چيو آهي ته، “بابا نواز شريف جي خاتمي لاءِ ڪيئي آيا ڪيئي ويا، ڪيترا حربا جوڪ در جوق ڪتب آندا ويا پر نواز، نون ليگ ۽ اسان جا همدرد اتي ئي آهن ۽ بدخواهه الائي ڪاڏي غائب ٿي ويا. اهو انتهائي کِل جوڳو شوشو آهي ته هڪ شخص جي خاطر اليڪشن روڪي پئي وڃي. نون ليگ ڪلهه به کٽي ها، اڄ به کٽندي ۽ سڀاڻي به. مطلب اليڪشن جڏهن به ٿئي هن دفعي ڪاميابي نون ليگ جو مقدر آهي.” نواز شريف جي هڪڙن حمايتين حد ڪري ڇڏي، چون ٿا جيڪو نواز شريف جي استقبال لاءِ ايندو، اهو جنتي آهي. واقعي ايڏي ڊاڙ ته مون لاءِ، پر هر مسلمان لاءِ اعتراض جوڳي ڳالهه آهي. آجيان لاءِ اچو، جنتي بڻجو! جڏهن ته حضور پاڪ صه صفائي کي اڌ ايمان ۽ اخلاق کي به اڌ ايمان قرار ڏنو آهي. بس جنهن جو ايمان مڪمل اهو جنتي. اهڙي ته ڪا حديث ڪانهي ته ڪنهن جي آجيان سان جنت ملي. اڄ ڪلهه ته جج ۽ وڪيل پڻ سياسي بيان ڏيڻ جا شوقين ٿي پيا آهن. شير افضل مروت وڪيل چوي ٿو ته، “عدالت ۾ اول پيش ٿجي يا پوءِ، فرق نه ٿو پوي.” جسٽس گل حسن چوي ٿو، “آئون به ننڍپڻ ۾ پنهنجي والد سان جيل ۾ ملڻ ويندو هيس. عمران خان به سابق وزير اعظم ۽ پنهنجي پارٽي جو چيئرمين آهي. هر ڪو نواز شريف جي استقبال جي تيارين ۾ مصروف آهي. عدالت جي مدد ڪير ڪندو؟ هڪڙن کي ريڊ ڪارپيٽ رليف ته ٻين لاءِ ناٽ الوڊ جو بورڊ. اها سراسر انڌي نا انصافي آهي. جنهن کي عمران خان سان ملڻو آهي، ڀلي وڃو بابا، منهنجي طرفان عدالت جي اجازت آهي.” هوڏانهن نهال هاشمي حيدرآباد ۽ ڪراچي مان سنڌي ليگي ڪارڪنن جون ٽرينون وٺي ڪلهه لاهور روانو ٿيو هو. سو تعصبي ڪي ٻيا ٿي سگهن ٿا، سنڌي نه.
هاڻي توهان پڙهندڙن کان پڇان ٿو ته ٻڌايو ايندڙ حڪومت ڪير ٺاهيندو؟ منهنجو خيال ته اهو آهي جو ڪو به اڪيلي سر نه ٺاهي سگهندو. اهڙي ئي سرڪار جڙندي، جهڙي نگران حڪومت کان اڳ ۾ هئي. هاڻي ان کي رڳو اليڪشن اِسٽيمپ جي ضرورت آهي.