جوڪ در جوق … توپ کان پستول جي لائسنس تائين!

0
55
جوڪ در جوق ... توپ کان پستول جي لائسنس تائين!

آئون انتظاميا آفيس آيس. اردلي چيو: ترس، صاحب سُتو پيو آهي. دل ۾ چيم: ننڊ نڀاڳي ڪيئي نهوڙي ڇڏيا. گهنٽي وڳي، گُهرايو ويو. درخواست ڏنم. ڊي سي پڇيو: ڇاهي؟ چيم: پڙهي ڏسو. چيائين: پاڻ به ته ڪُڇ. عرض ڪيم: سائين! ليسن ڏيو. چيائين: ليسن اسڪول ۾ استاد کان سک. چيم: نه سائين! هو….. ڇا چوندا اٿس!؟ چيائين: اڇا! لائسنس….. ڇا جو؟ چيم: توپ جو…… ڪاغذ چيڪ ڪندي بي خيالي ۾ پڇيائين: ڇا لاءِ؟ وراڻيم: پاڙي ۾ هلائڻي آهي. چيائين: ڇو ٽرانسفارمر نه ٿا ڦاٽن ڇا؟ چيم: پاڙيسرين کي جوڪ در جوق ستن توپن جي سلامي ڏيڻي آهي. پڇيائين: ڪهڙي کيپ کٽي اٿائون؟ چيم: چوڪيداري ۾ چيمپيئن آهن. چيائين: ان لاءِ ته بندوق ئي ڪافي آهي. تون فوجي يا خارجي ته ناهي. اڃان به ريوالور جو لائسنس وٺ……. ۽ پوءِ مس وڃي پستول جو لائسنس مليو.

                 خيال آيو سچ پچ ته دنيا دو رنگي آهي. سوچ وڏي رکبي ته ننڍي خواهش پوري ٿيندي. هيليڪاپٽر جو سوچبو ته سائيڪل ملندي، جهاز جو سوچبو ته جيپ ملندي، راڪيٽ جو سوچبو ته ڪار ملندي. ياد آيم ناني نٿوءَ جي خيرات تي مِٺي لاءِ کنڊ گهريم. فوڊ ڪنٽرولر کان گهريم 14 ڪلو ته ملي چار ڪلو. سرڪاري ڊاڪٽر کي چيم پروواس انجيڪشن لاءِ ته ڏنائين اسپرو ٽيبليٽ. گهر ۾ ننڍي ڌيءَ کان پڇيم ڊال (گُڏي) ته کڻي آئي پيناڊال. ڪنهن گهڻگهري کان اوڌر گهرندئو ڏهه هزار ته ڏيندئو رڳو ٻه هزار. محبوب کان گهرو محبت ته ملندي مسين مسڪراهٽ. اها ڪنجوسي ناهي، پر عوام ۽ حڪومت جوڪ در جوق ڪفايت شعار ٿي رهي آهي.

سماجي ڳالهيون ۽ سياسي ٻولهيون ڄڻ وڻ تي ول جيان وڪوڙيل آهن. بقول سرڪار ملڪ جي مفاد ۾ ۽ معيشت جي مضبوطي لاءِ شين جا اگهه گهٽ وڌ ڪرڻا پوندا آهن. پارليامينٽ جي ڪينٽين ۾ ريٽ گهٽ آهن ته عام مارڪيٽ ۾ مٿي آهن. اسيمبلي ميمبرن جون پگهارون گهٽ ڪيون ويون آهن ته عام ملازمن جي تنخواهن تي ٽيڪسون وڌ مڙهيون ويون آهن. بجلي ۽ گيس جي بندش سان قومي خزاني ۾ اڌ تي اڌ بچت ٿئي ٿي. پيٽرول چوٽ تي، ڪرايا ڪوٽ تي. حڪومت مخالف چون ٿا ته مهانگائي آسمان ڇُهي رهي آهي. چئو سائين، اڃان شهباز لاءِ چون ها ته ڳالهه ٺهي به پئي. اڳي حڪمران جهازن ۾ غير ملڪي دورن تي ويندا هئا، هاڻي هيليڪاپٽرن تي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ سيلاب جي صورتحال ڏسڻ وڃن ٿا. اڳي جي ڀيٽ ۾ اسيمبلين جي مرد ميمبرن هاڻي لَٽن ۽ بوٽن جي استعمال تي سادگي اختيار ڪئي آهي. اڳي ميمبر مايون ميڪ اپ گيٽ اپ تي لکين رپيا خرچ ڪنديون هيون، هاڻي اهو خرچ اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. سياستدان ان کان وڌيڪ جوڪ در جوق ٻيون ڪهڙيون قربانيون ڏين!؟ عوام کي به گهرجي ته عياشيون گهٽ ڪري. چپٽي چيچ سان ناهي وڄندي. ان لاءِ عوام جي وچين آڱر ۽ حڪومت جو آڱوٺو کپي. اسان جو اڪثر عوام آڱوٺي ڇاپ ئي سهي، پر آهي عقل جو اڪابر. ڪير ٿو چوي ته فضول خرچ آهي؟ ڪپڙو ڪڇي ڦاڙيندو آهي، سَوڙ آهر پير ڊگهيڙيندو آهي، کُڏڙين جهڙين جهوپڙين ۾ رهندو آهي، ايترو نه پچائيندو جو اڌ بچي پوي، ٽب پاڻيءَ جي ۾ ناهي وهنجندو، هڏ حرام ناهي، ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪندو آهي، موٽر گاڏين ۾ نه، گوڏي گاڏي تي گهمندو آهي. ڏينهن جو ڌنڌو ڪندو آهي، رات جو سمهندو آهي. شاهوڪارن وانگر نه، ته سنئون وٽو به اونڌو نه ڪري، انهن وانگر نه ته ڪارين ۾ تيز رفتاري سان پاسار ڪري ماڻهو لتاڙي ماري وجهي ته خون ڦوڪ. آسودا انسان پيسو پاڻي جيان وهائين، قناعت لفظ کي به ڪاف “ڪرسي” سان لکندا آهن. رات جو جاڳندا آهن، ڏينهن جو گاڏيون وڪڻي ڊبل ڪمبل ۾ ڪُرنڊڙا ٿي سمهي پوندا آهن. محلاتن ۾ رهندا آهن، بورچين کان ايڏو پچرائين جو بچيل کاڌو سندن ڪتا به نه کائي سگهن. اهو خاص ڪلاس چڪني چنبيلي اسيمبلين ۾ ايندو آهي، جتي جيڪر مک به پهچي ته تِرڪي پوي. عام طبقو بدبودار مُحلن جي تنگ ۽ بند گندين گهٽين وارن گهرن ۾ رهندو آهي، جتي مڇرن جي موج مستي ڏسڻ وٽان هجي ٿي. چون ٿا ته اقتداري ۽ اختلافي ڌرين جو ڳجهه ڳوهه ۾ ڳٺ جوڙ هوندو آهي. اتي عوام جو عقل ڪم نه ٿو ڪري ته جي ايئن آهي ته پوءِ طنزن جا تير ڪمان ۽ ٽوڪن جون ٽينڪون ڇو ٿيون تيار رهن، پڪڙ ڌڪڙ ڇو پئي ٿئي، ڪال ڪوٺڙيون ڇو ٿيون کُلن؟ پي ٽي آئي جي بانيءَ وڪيلن ۽ سياسي ليڊرن سان ملڻ خاطر درخواست دائر ڪئي آهي، جيڪا اميد ته رد ٿيندي. اپوزيشن کي خوش فهمي آهي ته اڄ سڀاڻي ڪرسي کيس حاصل ٿيندي. گورنمينٽ حيران آهن ته اِها ڪرسي تائين پهتي ڪيئن! وطن جي حدن ۾ آسماني مينهن جي ٻوڙان ٻوڙ هلي پئي. ٿر ۽ ڪاڇي ۾ بي انت کنڀيون نڪتيون آهن. چيف جسٽس جهڙن اعليٰ عملدارن جي استعيفائن جون صدائون بلند ٿي رهيو آهن. سرڪار اخلاقي دٻاءُ ۾ ۽ مخالف ڌر منتظر آهي ته شايد اليڪشن ڪميشن اجازت وٺي ٻيهر چونڊون ڪرائي، ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ٺهي يا ٻوڙن پٺيان ڪي اڻ ڌريا اچي وڃن.

مسئلن جو ڪو ٻيو حل نه ٿو سُجهي، انهيءَ لاءِ اهو منهنجو انومان آهي، جنهن سان عوام ۽ حُڪام جو متفق هجڻ ضروري ناهي. اميدوار پارٽي ٽڪيٽ وٺي، اسيمبلي سيٽ تي سيٽجي ويهندا آهن ۽ عوام جي پر پُٺ بجيٽ سيٽ ڪري پيش ڪندا آهن، ان کان پوءِ عوام ۾ محصول ڏيڻ جي همت ناهي رهندي. وري مِني بجيٽ جي سنبت ٿيندي آهي. جڏهن اقتصادي ڀِت جو بار ماڻهن مٿان زيپٽ ڪري ڪرندو آهي ته اهي جهڙوڪ بجيٽ جي وزن هيٺان دٻجي ويندا آهن، پر ماڻهو پوءِ به هر حال ۾ زندا رهڻ چاهيندا آهن. هوڏانهن حڪومت ۾ هڪڙا مهربان ايندا آهن ته ٻيا قدردان ويندا آهن. عوام اهو ئي نادان جو نادان. ايتري ۾ ٻاهر الائي ڇا جو ٺڪاءُ ٿيو ته ڇِرڪ ڀريم، سوچين جو سلسلو ٽُٽي پيو ۽ “توپ کان پستول جي لائسنس” واري ڳالهه ياد آئي.

[email protected]