جوڪ در جوق … اعليٰ آدمين جون اعليٰ دانائيون

0
48
جوڪ در جوق ... اعليٰ آدمين جون اعليٰ دانائيون

 انسان نه رڳو گاري جو يا وري کڙڪڙين مٽي جو ٺهيل آهي پر ان جي تخليق ۾ پاڻي، باهه ۽ هوا جا عنصر به شامل آهن. يعني خالق ڪائنات انسان کي عناصر اربع (فور ايليمينٽس) منجهان ٺاهيو آهي. تڏهن ته اڪثر انسان مٽي ۽ پاڻي وانگر ٿڌا ٿانيڪا هجن ٿا ۽ ڪي باهه وانگر آتشي ۽ تيز طوفاني هوا وانگر جوڪ در جوق جذباتي ۽ جوشيلا هوندا آهن. ٿڌي مزاج رکندڙن کي معقول ۽ تيز ۽ تند طبيعت رکندڙن کي مجهول چيو ويندو آهي. سماج توڙي سياست ۾ اهي ئي انسان پسند ڪيا ويندا آهن جيڪي معتدل مزاج هوندا آهن. ڪي ته اهڙا مثال به آهن جو ادنيٰ آدمين جون اعليٰ دانائيون هونديون آهن ۽ ڪٿي وري اعليٰ آدمين جون ادنيٰ دانائيون ڏٺيون ويون آهن. اهو سڀ ڪجهه هر ڪنهن جي ظرف ۽ ضمير تي دارومدار رکي ٿو. صوفي منش ۽ فقير تن ماڻهن جي وجود ۾ مٽي جو مقدار وڌيڪ هجي ٿو، جڏهن ته مان مرتبي وارن اعليٰ آدمين جي ادنيٰ دانائين جا مظاهرا انهيءَ لاءِ عام نظر ايندا آهن جو اهي پاڻ کي هن ڌرتي جو انسان نه پر ڪا مافوق الفطرت آسماني مخلوق سمجهندا آهن. سياست جي شعبي ۾ هوندا ته ان ۾ به ڪا مصلحت اختيار نه ڪندا. رڳو جوڪ در جوق ضد، انا پرستي ۽ نام نهاد غيرت جو سوال اٿاريندا رهندا. جڏهن ته ابو ترابي فقيرن ۽ درويشن کي ڏسو منجهن فقط صبر تحمل، عجز انڪساري، سخاوت ۽ انصاف کان سواءِ ڪجهه نه ملندو. هتي اوهان هڪ بادشاهه ۽ فقير جي مثال مان ئي سمجهي ويندا ته اعليٰ انسانن ۽ ادنيٰ آدمين جي سوچ ۾ ڪيترو فرق آهي.

ايران جو بادشاهه نوشيروان عادل هڪ ڏينهن لشڪر سميت شڪار تي نڪتو، رستي ۾ کين اُڃ لڳي، ڀرسان ڏاڙهن جو باغ هو، جتي اچي لڏو لاٿائون. باغائي مزدور خدمت چاڪري ۾ لڳي ويا، ڏاڙهون نپوڙي، گلاس ڀري، بادشاهه ۽ سندس لشڪر کي پيش ڪيا ويا. بادشاهه پڇيو هڪڙي گلاس ۾ گهڻن ڏاڙهن جو رس پوي ٿو؟ ٻڌايو ويو ٻن ڏاڙهن مان هڪڙو گلاس ڀرجيو وڃي. بادشاهه محل موٽي وڃي حڪم صادر فرمايو ته ڏاڙهن جي باغن تي ٽيڪس ٽيڻي ڪئي وڃي. ان ادنيٰ دانائي جو نتيجو اهو نڪتو جو باغ سڪڙجڻ لڳا ۽ ڇهن ڏاڙهن مان هڪ گلاس مس ٿي نڪتو. سنڌ جي خيرپور ميرس ضلعي جو حمل فقير لغاري واٽ وٺيو پئي ويو ته ٻه نوجوان مليس، چيائونس حمل تون ولي الله آهين، سامهون سڪل ٿُڙ بيٺو آهي، سڏ ته ڪرينس ته توڏي اچي، اڄ اسان به ته ڏسون تنهنجو ڪرشمو! چيائين ابا ولي ته نه، علي عه جو مريد آهيان، عرض ڪري ٿا ڏسونس، جي آيو ته واهه واهه ۽ پوءِ رڙ ڪري چيائين: اڙي او ادا ٿڙ، قرب ڪر هيڏي ته اچ، مهمان توسان ملڻ ٿا چاهين. ٿڙ ڪونه آيو، وري ٻيو دفعو ۽ ٽيون دفعو به ايئن ئي چيائينس پر ٿڙ اهڙو ٿِڙي ۽ اهڙو ڪُڇي جهڙي ڀِت. تنهن تي حمل فقير ٻنهي نوجوانن کي هٿن سان وٺي ٿڙ وٽ ويو ۽ چيائين اسان فقيرن جو ته مڙيئي خير آ، مهمانن جو ته مان رکين ها. خير… تون نه آئين ته اسان پاڻ هليا آيا سين. اڙي سائين يارن سان ڪهڙا ليکا!

هاڻي اچو ته ٻن بين الاقوامي شخصيتن جو ذڪر ڪريون، ان لاءِ پري ڇو ٿا وڃو، روزاني “پنهنجي اخبار” پهرين سيپٽمبر جو فرنٽ پيج پڙهي ڏسو، ٻه اهم ترين خبرون ڇپيل ملندٶ، هڪ جو تعلق آمريڪا سان آهي، ٻي جو واسطو پاڪستان سان آهي. پهريون- واشنگٽن: آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پلئه پراڻو ناهي ٿيندو، ٻيهر صدر ٿيس ته سڀني کان پلاند وٺڻ جو اعلان ٿو ڪريان. سياسي دشمنن سان اهو ئي ڪندس، جيڪو هن وقت ساڻس ڪيو پيو وڃي. هڪ بيان ۾ هن ڊيموڪريٽس کي وارننگ ڏني آهي. پنهنجي دور ۾ هليري ڪلنٽن کي گرفتار نه ڪرائڻ واري سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته هاڻي وٽس ٻي ڪا چوائس ناهي. هن چيو ته هن خلاف سمورن ڪيسن پٺيان جو بائڊن جو هٿ آهي. واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ مٿان ٻه هزار ويهه جي اليڪشن خراب ڪرڻ ۽ ڳجها دستاويز پاڻ وٽ رکڻ جا الزام آهن. ٽرمپ سڀني الزامن کي رد ڪندي چيو ته کيس سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

ٻه- لاهور: گهٽ نه ٿيندي: نواز شريف جو اهم شخصيتن تي هلڪي هٿ رکڻ کان جواب. هن چيو ته صرف منهنجي ذات جي ڳالهه هجي ها ته درگذر ڪريان ها پر ملڪي ترقي کي روڪيو ويو. پاڪستان مسلم ليگ ن جي ميان نواز شريف اڳوڻين اهم شخصيتن تي تنقيد نه ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. هن پنهنجي چونڊ مهم ۾ اڳوڻي سپهه سالار، اڳوڻي ڊي جي آئي ايس آئي، اڳوڻي چيف جسٽس ۽ پي ٽي آئي چيئرمين تي تنقيد نه ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. تازو نواز شريف جي صدارت ۾ ن ليگ قرار ڏنو ته ن ليگ خلاف سازش ڪندڙ اهي سمورا آهن، انهيءَ ڪري ئي ملڪ ۾ تباهي ٿي. نواز شريف طئه ڪيو هو ته چونڊ مهم ۾ جارحاڻي پاليسي اختيار ڪئي ويندي ۽ ملڪي تباهي جي انهن ذميوان کي وائکو ڪيو ويندو. اتي نواز شريف کي صلاح ڏني وئي ته هو ماضي کي وساري اڳتي جي سياست کي ڏسي پر نواز شريف اها ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هاڻي اها آهي اسانجن وڏن ۽ جڏن ماڻهن جي سوچ. حڪمرانن جي ان فسادي سوچ جي ڪري ئي عوام جا حال ھيڻا ۽ سور ٻيڻا آهن. جيڪڏهن ڪوئي ڪنهن کي نه بخشيندو، هر ڪو بدلي جي باهه ۾ پيو ڀڙڪندو، پوءِ ته فتنو ڪڏهن ختم ٿيڻ وارو ئي ناهي. مست سانن جي جهيڙي ۾ ٻوڙا پيا لتاڙبا، تنهن ڪري صبر ۽ برداشت جو مادو ڌاري ڌرين کي بخشڻ جي شروعات ڪرڻي پوندي. اها ئي انساني اخلاقيات آهي، اهو ئي اسلام ۽ ٻيا مذهب سيکارن ٿا. بندو رب جو نائب آهي، اللہ انسان جي ارضي جسم ۾ پنهنجي طرفان خاص روح ڦوڪيو آهي. انسان جي ذميواري آهي ته فساد في الارض کان پاسو ڪري.

[email protected]