جوڪ در جوق … اسانجي قسمت ۾ جلوس ئي آھن بس!

0
63
جوڪ در جوق ... اسانجي قسمت ۾ جلوس ئي آھن بس!

 اخبار پنھنجي ميز تي پئي آھي، جنھن ۾ ڪجھ سياسي خبرن سان گڏ کوڙ ساريون خبرون احتجاجن، مظاھرن ۽ جلسن جلوسن جون آھن. خبر آھي ته ڪوريا جي سفير پارڪ ڪجن موھن جي دڙي جا آثار ۽ اسٽوپا ڏسي سنڌوءَ تھذيب کي قديم ۽ ترقي يافته قرار ڏنو. ٻي خبر آھي تہ سنڌو دريا تي ڪينال ٺھيا ته بربادي ٿيندي، ماڻھو مرندا ۽ چوڌاري دڙا ئي دڙا نظر ايندا. عمران جي آزادي لاءِ پختون ٻاھر نڪتا ته زخمي ٿيا ۽ زندگيون ضايع ٿين. خبر آھي ته سنڌ اسپورٽس کاتي مٺيءَ ۾ ساليانو ٿري فيسٽيول ڪري رانديگرن کي ساراهيو ۽ ڪکن ھيٺان ڪي لعل ڳولي لڌا. سنڌ جي سينير وزير شرجيل ميمڻ فاروق ستار کي ٽوڪيو آھي ته ھو مداري ماڻھو ايترو پاپولر آھي ته استعيفا ڏئي ٻيھر چونڊ وڙھي. ھاڻي سوچيو ته ھو پاپولر آھي ته جوڪ در جوق چونڊ جي گول چڪرن ۾ ڇو پوي. عام پيشور مداري ھجوم کي کيل تماشا ڏيکاري خوش ڪندا آھن، ڪنھن زماني ۾ ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو پر اھي نظربندي جي علم سان پوليس جي نظرن کان غائب ٿي ويا.

ان ڏينھن اسلام آباد ۾ خاص سياسي بازيگرن جي ڪارنامن مان ماڻھن مزو ورتو. رڪاوٽن باوجود اپوزيشن آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ دريائي پاڻي جي منصفاڻي تقسيم جي حق ۾ ڪانفرنس ڪري ڪمال ڪري ڏيکاريو. ان کان وڌيڪ ڪمال ته حڪومت ڪيو جو ھن کين ڪانفرنس نه ڪرڻ ڏيڻ لاءِ گرفتارين جو سوچيو پر ياد آيس ته ڪجھ وقت اڳ ڊي چوڪ ڏانھن وڌندڙ ماڻھن کي ماري ڪٽي موٽايو ويو ته اڃان تائين گلا جو گھانگو ڳچيءَ ۾ اٿس. عاصمه جھانگير ھال بدران مخالف ڌر ھڪ ھوٽل ۾ ڪانفرنس ڪرڻ ٿي چاھي پر اتي ايف سي جا دستا بيھاريا ويا، ڄڻ ھوٽل تي ڌاڙو لڳڻ وارو ھو. حڪومت ٻين کي چور چوندي آھي ۽ پوليس ملزمن کي لاڪ اپ ڪندي آھي پر ھاڻي سڀ ڪجھ ان جي برعڪس پيو ٿئي. اپوزيشن چونڊيل نمائندن کي چور چور پئي چوي. سرڪاري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله کي به نيٺ تحريڪ انصاف سان سھمت ٿيڻو پيو ته ھي مجبور اتحادي وفاقي حڪومت آھي. ملڪي ترقي ڊيڊ لاڪ نه پر ڊائيلاگ سان ٿيندي. آخر ڪھڙن حڪومتي ماڻھن جي ھٿ ۾ پاڪي آھي، جن جوڪ در جوق مخالفن جا مٿا ڪوڙڻ جو قسم کنيو آھي! انھن کان پاڪي کسڻ کپي پر ٿورو خيال سان، متان پنھنجو ھٿ نه وڍائي وجھو. احسن اقبال چيو ته حزب مخالف خالي ڪرسين سان ڪانفرنس ڪئي ۽ ھڪ نه کلڻ جوڳو لطيفو ٻڌايائين ته آمريڪا پي ٽي آئي اڳواڻ کي ڪڏھن به ڇوٽڪارو نه ڏياريندو. پاڪستان کي سياسي نه پر معاشي لانگ مارچ جي ضرورت آھي….. مطلب ته ڇا مخالف رھنما ۽ مظلوم عوام ھٿن ۾ توا اڀا ڪري ۽ خالي ديگڙا کڙڪائي احتجاجي جلوس ڪڍن!

شھدادڪوٽ جي آرٽس ڪائونسل صوفي راڳ رنگ وسيلي ڪينال ٺاھي پاڻي روڪڻ خلاف انوکو احتجاج ڪيو. ڪلام ڳائي عوام ۽ اديبن کي سجاڳ ڪيو ويو. سچل جو ھي ڪلام ڳايو ويو …. “آھي يار ته منھنجو ھيئن ته ڪنھن مهل ڪيئن ته ڪنھن مهل ڪيئن….. واقعي وفاقي سرڪار پڻ موڊي آھي، ڪڏھن ڊيم ٺاھڻ جا اعلان ٿي ڪري ته ڪڏھن ڪينال ڪڍڻ جي تيارين ۾ آھي. اڄ ڪلھ گھڻيون خبرون سنڌ جي وڪيل برادري جون آھن، جن ڪئنالن جي معاملي تي ھر ھنڌ ڪانفرنسون ڪري قراردادون پاس ڪرايون آھن. وڪيلن جو قافلو حيدرآباد ۾ تحريڪ جو بنياد رکي ڪراچي اچي پھتو آھي ۽ وچن ڪيو اٿن ته پاڻي ته آھي ڪو نه، سو سنڌو طاس معاھدو ۽ 1991ع وارو واعدو ويو ھيٺ واريءَ ۾ دٻجي. ھاڻي جيستائين وفاق قسم ساک کڻي شاھدن گواھن جي صحيحن سان اسٽامپ تي لکي نه ڏيندو، تيستائين تحريڪ ختم نه ٿيندي. اسان مشرف کي به ماري مڃايو ھو سون، ھي وري ڪھڙا ھلاڪو خان آھن. دانشورن جي خاموشي تي افسوس جو اظھار ڪيائون… سچ پچ ته اسان جو بي اثرائتو لکڻ ڪھڙي ڪم جو، جنھن جو ڪو نتيجو ئي نه نڪري. اھو ته ھڪ مشغلو، دل خوش ڪرڻ ۽ شھرت ماڻڻ کان سواءِ ٻيو آھي ڇا! ايترو عرصو لکڻ سان ڪھڙو انقلاب آيو آھي، ٿوري تبديلي به ناھي آئي.

اليڪشن لاءِ مقابلي جي تياري اميدوارن کان وڌيڪ جوڪ در جوق عوام ڪندو آھي. پر پارليامينٽ ۾ پھچي اھي راڄ ڀاڳ کي وساري پنھنجو ڀاڳ ڀلو ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آھن. عوام حق وٺڻ خاطر وري جلوس ڪڍندو آھي پر ورندو ڪجھ به ناھي. ميمبرن کان پڇبو ته ڏسو سائين وڏن ملڪن ۾ چونڊن کان اڳ پارٽين جا ڪي جلسا ٿيندا آھن. ھڪ ڌر جي حڪومت ٺھندي آھي ته عوام اطمينان سان آفيسن ۾ ڪم ڪندو آھي ۽ سک جو ساھ کڻي سير ۽ سياحت ڪندو آھي ته ميمبر وراڻي ڏيندا آھن ته بادشاھي ڳالھيون نه ڪريو بابا! ڪاٿي بابا جاني ته ڪاٿي بيٽا جاني (ڪٿي آمريڪا ته ڪٿي پاڪستان) ۽ ائين اسان جو سادو سٻاجهڙو عوام چرين وانگر ڇتو ٿي ٿو پوي، ڄڻ سندس قسمت ۾ جلوس ئي آھن بس! پوءِ ٿڪجي ھارجي اچي گھرن ڀيڙو ٿئي ٿو. ملڪ جي ٻين ھنڌن تي به ويل وھائجي رھيا ھوندا پر جيتري ھاءِ گھوڙا ھتي سنڌ ۾ آھي ۽ جيڪو ڏاڍ مٿيان اسان ھيٺين کي پڇڙي جو آبادگار سمجھي ڪن ٿا، سو اخباري ڪاغذن ۾ لکيل ۽ يوٽيوب چينلز جي رڪارڊ تي رکيل آھي… حياتي رھي ته وري حاضر ٿبو.

[email protected]