اسلام آباد (بيورو رپورٽ) 26هين آئيني ترميم تحت جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ مڪمل ٿي وئي، اسپيڪر 5 پارليامينٽرينز جا نالا به موڪلي ڏنا، جنهن بعد ڪميشن جو پهريون اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچز جي جوڙجڪ لاءِ جوڊيشل ڪميشن ٺهي وئي، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي ڪميشن جو پهريون اجلاس اڱاري تي طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچز لاءِ ججز جي نامزدگي تي غور ڪيو ويندو، جوڊيشل ڪميشن ۾ سپريم ڪورٽ جا 3 ججز چيف جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس منصور شاهه ۽ جسٽس منيب اختر شامل آهن، جوڊيشل ڪميشن لاءِ پارليامينٽ مان فاروق ايچ نائڪ، شبلي فراز، آفتاب شيخ، عمر ايوب، روشن خورشيد بروچا کي نامزد ڪيو ويو، وزير قانون اعظم تارڙ ۽ اٽارني جنرل، پاڪستان ڪائونسل بار جو نمائندو ايڊووڪيٽ اختر حسين به ڪميشن ۾ شامل آهن، جوڊيشل ڪميشن جو سربراهه چيف جسٽس هوندو، اڱاري تي ٿيندڙ اجلاس ۾ سينئر ججز جسٽس منصور شاهه ۽ جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس امين الدين کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، پاڪستان بار جو نمائندو به اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو، جوڊيشل ڪميشن جو پهريون اجلاس 5 نومبر تي ٿيندو، جاري ڪيل ايجنڊا موجب اجلاس ۾ آئيني بينچز لاءِ ججز نامزدگي تي غور ٿيندو، ڪميشن جي سيڪريٽريٽ ٺاهڻ تي به غور ڪيو ويندو. جڏهن ته ڪالهه ئي جوڊيشل ڪميشن لاءِ 5 پارليامينٽرينز جا نالا رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي اماڻيا ويا، قومي اسيمبلي مان حڪومتي ميمبر ن ليگ جو شيخ آفتاب ۽ مخالف ڌر پاران اپوزيشن ليڊر عمر ايوب جو نالو ڏنو ويو، سينيٽ ۾ حڪومتي ڌر پاران پ پ جو فاروق نائڪ، مخالف ڌر مان پي ٽي آءِ جي شبلي فراز جو نالو ڏنو ويو، قومي اسيمبلي مان عورت واري سيٽ تي روشن خورشيد جو نالو اماڻيو ويو، اسپيڪر قومي اسيمبلي پاران سينيٽ چيئرمين ۽ پارلياماني پارٽين جي مشاورت بعد نالا رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي اماڻيا ويا.