اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس، جسٽس سردار طارق مسعود خلاف شڪايت خارج، جسٽس مظاهر نقوي خلاف شڪايتن تي ڪارروائي مڪمل نه ٿي سگهي، ڪائونسل جو اجلاس اڄ ٻيهر ٿيندو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت ۾ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن جسٽس سردار طارق ۽ جسٽس مظاهر اڪبر نقوي خلاف شڪايتن جو جائزو ورتو ويو. سُپريم جوڊيشل  ڪائونسل جسٽس سردار طارق مسعود خلاف شڪايت اتفاق راءِ سان خارج ڪري ڇڏي، جسٽس سردار طارق مسعود خلاف آمنه ملڪ ٽيڪس ريٽرن فائل نه ڪرڻ تي ريفرنس داخل ڪيو هو، ڪائونسل چيو ته آمنه ملڪ جي شڪايت ۾ ڪابه ٺوس ڳالهه سامهون نه آئي آهي، انڪري شڪايت متفقه طور خارج ڪئي وئي، آمنه ملڪ عدالت ٻاهران ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سُپريم جوڊيشل  ڪائونسل سندس شڪايت ٻڌي، اُن کانپوءِ چيو ويو ته توهان وڃي سگهو ٿا، خبر ناهي ته منهنجي شڪايت تي ڪهڙو حڪم جاري ڪيو ويو. جڏهن ته جسٽس مظاهر علي نقوي پاران سندس وڪيل خواجه حارث پيش ٿيو، خواجه حارث جسٽس مظاهر نقوي جو خط ڪائونسل ۾ پيش ڪيو، خط ۾ سپريم ڪورٽ ۾ داخل آئيني درخواست جي فيصلي تائين ڪائونسل جي ڪارروائي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي، اجلاس ۾ جسٽس مظاهر جي ڪائونسل جي ٽن ميمبرن تي اٿاريل اعتراضن تي به غور ڪيو ويو پر جسٽس مظاهر خلاف شڪايتن تي ڪارروائي مڪمل نه ٿي سگهي جنهن ڪري اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪيو ويو، جسٽس مظاهر جو وڪيل اڄ به دليل جاري رکندو، ڪائونسل شڪايت ڪندڙن کي به اڄ ٻيهر پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.ذريعن موجب اجلاس ۾ لاهور ڪنٽونمينٽ بورڊ جا آفيسر به شريڪ هئا.

اسلام آباد: جسٽس مظاهر علي نقوي سپريم جوڊيشل  ڪونسل جي ڪارروائي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏي،  جسٽس مظاهر نقوي وڪيل مخدوم علي خان ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ ڪارروائي ختم ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي،  جسٽس مظاهر علي نقوي درخواست ۾ چيو آهي ته سپريم جوڊيشل  ڪائونسل جي ايندڙ ڪارروائي لاءِ اماڻيل نوٽيس غيرقانوني قرار ڏنو وڃي، منهنجي خلاف شروع ڪيل مهم عدليا جي آزادي تي حملو آهي، جسٽس مظاهر علي نقوي جو چوڻ هو ته جوڊيشل  ڪائونسل سندس اعتراضن ٻڌڻ کانسواءِ ايندڙ ڪارروائي جو نوٽيس موڪليو، جوڊيشل  ڪائونسل 27 آڪٽوبر تي پريس رليز جاري ڪري بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي، درخواست ۾ وفاق، صدر ۽ سپريم جوڊيشل  ڪونسل کي ڌر بڻايو ويو آهي.