جوڊو ڪراٽي ماسٽر آهيان، فردوس کي عورت هجڻ ناتي ڪجهه نه چيو: مندوخيل

0
130

اسلام آباد: پ پ اڳواڻ قادر مندوخيل چيو آهي ته هو ايف آءِ آر ذريعي فردوس عاشق جي نوٽيس جو جواب ڏيندو. هڪ بيان ۾ قادر مندوخيل چيو ته هو جوڊو ڪراٽي جو ماسٽر آهي پر فردوس عاشق هڪ عورت آهي تنهنڪري هن کي ڪجهه نه چيو. هن چيو ته جڏهن فردوس عاشق اعوان قيادت تي الزام هنيو ، ته هن کي چيو ته جڏهن تون وفاقي انفارميشن ايڊوائزر هئين ته توکي ڪرپشن جي الزامن تي برطرف ڪيو ويو هو، تو سيالڪوٽ ۾ اين جي اوز جي نالي تي بسون هڙپ ڪيون، ان کانپوءِ هوءَ گارگند تي لهي آئي، جڏهن دل نه ڀريس ته چماٽ هنيائين، گهليائين، ان ڪري ڀڄي جان بچائي.