جوهي (ن پ ا ) جوهي ٿاڻي جي مين گيٽ وٽ پورهيت کان نياڻي جي ڏاج لاءِ ورتل سون ڦر پورهيت معصوم ٻچڙن سميت پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو ان ڏس ۾ ڪاڇي جي ڳوٺ مرزا گاجاڻي واسي پورهيت ڪوڙل لغاري صحافين آڏو دانهيندي چيو ته سندس گهر واري ٻچڙا ساڻ ڪري 25 هزار جي ماليت سون جو ٽڪو خريد ڪري جوهي ٿاڻي واري گهٽي تي ٿانو خريد ڪري رهيو هئس هڪ ڄڻو اچي چيو اوهان مسڪين آھيو اوهان کي اٽو وٺي ڏيان سندس گهرواري ٻارڙا دڪان تان سامان وٺن پيا نامعلوم شخص موٽر سائيڪل تي کڻي ٿاڻي واري گهٽي جي ڪجھ فاصلي تي موٽر سائيڪل خراب جو جواز ڄاڻائي کيسي مان سون جو ٽڪو کڻي فرار ٿي ويو آھي، دانهن کڻي جوهي ٿاڻي تي پهتو آھيان پوليس انصاف ڪرڻ بجاء داٻا ڏئي ٿاڻي تان ڪڍي ڇڏيو آھي هن چيو مان مسڪين پورهيت آھيان نياڻي جي ڏاج لاء سون خريد ڪيو آھي هن ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو آھي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڦر ٿيل سون واپس ڪرائي کين انصاف ڪيو وڃي