جوهي( ن پ ا) جوهي ۾ ٻوڏ متاثرن جيسرڪار طرفان سهائتا نه ٿي سگهي ڪيترائي خاندان پريشان، جوهي تعلقي ۾ ٻوڏ سبب ايم اين وي ڊرين ۽ ايف پي بند جي وچين بليٽ ۾  سوين ڳوٺن ۾  گهر ڊھي پٽ پئجي ويا هزارين خاندان بندن تي خيما لڳائي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن ڪيترائي متاثر ڳوٺن ۾ ڦاٿل  سرڪاري سطع تي متاثرن جي واهر نه ٿي سگهي آھي، ٻوڏ کي 20 ڏينهن گذرڻ باوجود روينيو کاتي طرفان هڪ ڏينهن به سروي نه ڪئي وئي آھي نه ئي سرڪاري انگ اکر گڏ ڪرڻ لاء ٽيمون ڳوٺن ۾ پهتيون آھن، سروي نه ٿيڻ جي ڪري ڪيترائي خاندان امدادي راشن، خيما مڇرن کان بچاء لاء مڇرداني سميت ٻين شين کان محروم ٿي ويا ڪيترائي خاندان فاڪاڪشي ۾ مبتلاء هجڻ جا پڻ اطلاع آھن، ڳوٺ محبت خان لنڊ، علي محمد مغيري، علي مرتضي لغاري، لعل بخش لنڊ، گل محمد گاڏهي جي ڳوٺاڻن گلشير لغاري،يوسف مغيري،علي نواز گاڏھي، ولي محمد لنڊ ۽ ٻين رابطو ڪرڻ تي دانهيندي ٻڌايو ته گذريل 20 ڏينهن کان گهرن ۾ ڦاٿل آھيون، مختيار ڪار جوهي، اسسٽنٽ ڪميشنر جوهي هڪ ڏينهن به سروي لاء ٽيم ڳوٺن ۾ نه موڪلي آھي جنهن سبب سرڪاري سطع ته واهر نه ٿي سگهي آھي، فاڪشي تي مجبور آھيون ضلعي انتظاميا طرفان ڏنل راشن پرچي به بااثر وڏيرن ۽ جيالن کي ڏنو ويو آھي اسان بي يارو مددگار ويٺل آھيون، هنن مطالبو ڪيو آھي ته سرڪاري سطع تي سروي شروع ڪري ڳوٺن ۾ ڦاٿل ڳوٺاڻن جا انگ اکر گڏ ڪري سندس واهر ڪئي وڃي